لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پرائمري استادن جي تنظيم پ ٽ الف طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪالهه 21 هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن امرت لال اوڏ، ديدار علي کوکر، غلام الله سانگي، افسر علي قريشي، عبدالڪريم ميڪڻ، اياز حسين تونيو، اعجاز ڌامراهه ۽ ٻين الزام لڳائيندي چيو ته تعليم کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري طرفان ڏيڍ سال اڳ تعليم کاتي ۾ استادن جي ڀرتين دوران هيڊ ماسترن جي بدلين ۽ مقررين تي پابندي لڳائي هئي پر ان جي باوجود ڊائريڪٽر پرائمري انيس الرحمٰن جلباڻي لاڙڪاڻي شهر جي پرائمري اسڪولن ۾ هيڊ ماسترن جو بدليون ۽ مقرريون ڪري رهيو آهي جتي جونيئر استادن کي هيڊ ماستر مقرر ڪري هٿ وٺي اسڪولن جي ماحول کي خراب ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان برساتن سبب متاثر ٿيل اسڪولن کي فرنيچر فراهم ڪرڻ لاءِ اربين روپين جي بجيٽ جاري ڪئي وئي پر ان جي باوجود اڪثر اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ آهي جتي اسڪولي ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. هنن وڌيڪ الزام لڳايو ته تعليم کاتي لاڙڪاڻي جي آفيسرن فرنيچر جي مد ۾ آيل رقم مان 87 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي ۽ ٻي 58 روپين جي امڪاني بجيٽ ۾ به ڪرپشن جو انديشو آهي. هنن چيو ته لاڙڪاڻي تعلقي ۾ سال کان وٺي 17 هين گريڊ جي گزيٽيڊ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر کي مقرر نه ٿو ڪيو وڃي جنهن ڪري استادن جا ڪيترائي مسئلا التوا ۾ پيل آهن. هنن چيو ته تعليم کاتي جا عملدار آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جي ميرٽ لسٽ ظاهر نه پيا ڪن ۽ پاس اميدوارن کي مختلف طريقن سان تنگ ڪيو پيو وڃي. هنن سنڌ جي وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس اورن کي اپيل ڪئي ته هيڊ ماسترن جون بدليون ۽ مقرريون روڪي جلد کان جلد 17 هين گريڊ جي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر کي مقرر ڪري سمورن پرائمري اسڪولن مان فرنيچر جي کوٽ ختم ڪري ڪرپشن ڪندڙ ڪامورن خلاف سخت ڪاروائي ڪري آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جي ميرٽ لسٽ جاري ڪري کين آفر آرڊر جاري ڪري ڏنا وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌائڻ سان گڏ عدالت جو در کڙڪايو ويندو.
