نوشهروفيروز( ڊ ر) نوشهروفيروز،ڪنڊيارو،مورو جي مختلف يونين ڪائونسلن جي ڳوٺاڻن حسن بخش خاصخيلي، ڌڻي بخش چانڊيو، عاشق علي سولنگي، نويد جهنڊير، وزيرعلي، دلبر ميمڻ، ولي محمد ڦل، علي شيرسيال، محمود ٽڳڙ، امتياز سولنگي ، ڌڻي بخش سهتو، گلفام خاصخيلي،غلام شبيرملاح ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ ٽن تعلقن نوشهرو فيروز ،مورو،ڪنڊيارو جي 48 يونين ڪائونسلن تي مقرر ايڊمنسٽريٽر رفيق احمد سيهڙ ۽ يونين ڪائونسلن جي سيڪريٽرين خلاف نعري بازي ڪندي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته نوشهروفيروز ،ڪنڊيارو ،مورو جي يونين ڪائونسلون جيڪي ٽوٽل 48 يونين ڪائونسلون آهن جن کي سنڌ حڪومت ماهوار 2 ڪروڙ 30 لک رپيا بجيٽ في يونين ڪائونسل 5 لک رپيا جي حساب سان موڪلي ٿي جنهن مان 48 يونين ڪائونسلن جي ماهوار پگهار 90 لک جي لڳ ڀڳ ٿيندي آهي. باقي بچت 1ڪروڙ 30 لک روپيه هر ماهوار ٽن تعلقن مٿان مقرر ٿيل پبلڪ هيلٿ کاتي جو ملازم او پي ايس تي لوڪل گورنمينٽ کاتي ۾ ايڊمنسٽريٽر رفيق احمد سيهڙ نوشهروفيروز، مورو ۽ ڪنڊيارو تعلقن جي 48 يونين ڪائونسلن جي سيڪريٽرين سان ملي ڀڳت ڪري هضم ڪري رهيو آهي ۽ ڪافي سالن کان اسان جي ڳوٺن ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو ويو ۽ هن وقت تائين 2 ارب رپين جي رقم هضم ڪئي وئي آهي. جڏهن ته اسان جي ڳوٺن اندر پيئڻ جو مٺو پاڻي ناهي، روڊ رستا ٺهيل ناهن ڊرينيج جو سسٽم مڪمل ناڪارا بڻيل آهي جنهن ڪري ڳوٺن اندر اڪثر گندو پاڻي بيهڻ ڪري سوين ڳوٺاڻا مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن اسان دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون ڪير اسان جي دانهن ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناهي جنهن ڪري مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيا آهيون هنن چيو ته جنهن وقت تائين پبلڪ هيلٿ کاتي مان او پي ايس تي پنهنجي بدلي لوڪل گورنمينٽ کاتي ۾ ڪرائي مقرر ٿيل ايڊمنسٽريٽر رفيق احمد سيهڙ خلاف ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي اسان جو احتجاج جاري رهندو. ٻئي پاسي مڪاني ادارن جي يوسيز جي ايڊمنسٽريٽر رفيق احمد سيھڙ سان رابطو ڪيو ويو ته ان ڪوبه موقف ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته کيس اختيارين ميڊيا سان ڳالھائڻ کان منع ڪيو آهي.
