نون ۾ ڀرتي ٿيل استادن جو پگھارون نه ملڻ جي خلاف احتجاج

بدين(ڊ ر) بدين ضلع ۾ 9 مئي 2022 تي ڀرتي ٿيل سوين نون استادن کي 10 مھينا گزرڻ جي باوجود پگھارون نه ملڻ جي خلاف سنڌ ٽيچرس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي سڏ تي بدين پريس ڪلب جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ھن موقعي تي استاد اڳواڻن علي مراد خاصخيلي نور جوکيو عبدالله مھراڻپوٽو اختر گاڏاھي شاھزيب رضا ۽ ٻين صحافين جي اڳيان دانھيندي چيو ته کين آرڊر ملڻ ء جوائننگ ڏيڻ کي 10 مھينا گذري ويا آھن پر ھو اڃان تائين پگھارن کان محروم ۽ سخت مالي مشڪلاتن جو شڪار آھن ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ وزير تعليم کان مطالبو ڪيو ته بدين جي نون ڀرتي ٿيل استادن کي سندن 10 مھينن جون پگھارون جاري ڪري کين پريشانين کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ ھو سنڌ اسيمبلي جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں