خيرپور (ڊ ر) خيرپور جي مشهور سماجي اڳواڻ شهناز شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، اسان جو قافلو عوامي سمنڊ بڻجي رهيو آهي، جنهن ۾ عام مسڪين ،غريب ،بي پهچ ،مزدور هاري شامل آهن، پر ڪو به ٺيڪيدار ناهي، شهناز شيخ صحافين جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ ڏکي صورتحال کي منهن ڏيندي اسان پروين شيخ سان گڏ هماليه جي پهاڙ جيان بيٺا رهياسين، جنهن سبب گڏهه گاڏو هلائيندڙ جي ڌيءَ پروين شيخ ڪائونسلر جي سيٽ تي ڪامياب ٿي هئي، پيپلزپارٽي پروين شيخ کي هارائڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪونه ڇڏي هئي، پر هاڻي ڪجهه مفادن جي آسري تي پروين شيخ ووٽرن سان دوکو ڪري ساڳئي پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪري پنهنجي پت عوام آڏو وائکي ڪري ڇڏي آهي، پروين شيخ جي ڌار ٿيڻ تي مايوس نه پر خوش آهيان جو وقت کان اڳ خبر پئجي وئي، اسان جو قافلو فقيري آهي، اسان پنهنجي منزل طرف وڌي رهيا آهيون، اهو ڏينهن پري ناهي جو خيرپور ۾ سياسي پارٽين جو نه پر عوام جو راج قائم ٿيندو.
