پنوعاقل(رپورٽ:اميرجسڪاڻي) گورنمينٽ ھاءِ اسڪول پنوعاقل ۾ ھڪ روزه سائنسي ميلو منعقد ڪيو ويو ان موقعي تي منعقد ٿيل تقريب کي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ڊويزن سکر ڊاڪٽرعبدالوحيد انڍھڙ ميمبر ضلع ڪائونسل سکر چيئرمين شھري اتحاد پنوعاقل حافظ رفيق احمدسومرو ڊائريڪٽر آفيسر سکرسيد صفدرعلي شاھ خطاب ڪيو تقريب ۾ سائنسي ميلي ۾ پنوعاقل جي مختلف اسڪولن حصو ورتو جن ۾ گورنمينٽ ھاء اسڪول دادلو سلطانپور حسين ڪلوڙ پبلڪ اسڪول ۽ ٻيا شامل ھيا بھترين پرفارمينس ڏيکائيندڙ اسڪولن جي شاگردن کي انعامات ڏناويا ۽ ھاء اسڪول جي ٽرم ٽيسٽن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي سرٽيفڪيٽ ڏناويا پروگرام جي ميزبان پرنسپال ھاء اسڪول عبدالمالڪ بلو آيل مھمانن کي اجرڪ اوڍائي آجياڻو ڏنو ان موقعي تي تقريب ۾ سابق ڊي او سکر شھاب الدين انڊھڙ سيڪريٽري بورڊ ھائيرسيڪينڊري اسڪولس نوابشاھ جان محمدملڪ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سليم الله انڍھڙ في ميل تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ميڊم نصرت سمائر حاجي بشير احمدشيخ ظفرعلي محمدي نثارھاليجوي انعام سومرو سميت مختلف اسڪولن جي پرنسپالز عبد الله ڪورائي مجيب ڀٽو اورنگزيب انڍھڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
