سکر(بيورو رپرٽ) سکر ۾ پيپلز بس سروس جو افتتاح. صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه ڪيو ان موقعي تي سيد ناصر حسين شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن جي عمل ڪندي عوام کي بهتر ۽ سستي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت عملي قدم کڻي رهي آهي ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ عوام جي سهولت لاءِ پيپلزبس سروسز جو سلسلو جاري آهي ڪراچي حيدرآباد کان پوءِ اڄ سکر ۾ پيپلزبس سروس جو افتتاح هن سلسلي جي ڪڙي آهي جلد سکر ۽ لاڙڪاڻه ۾ پنڪ بس سروس شروع ڪئي ويندي هن چيو ته پوري سنڌ ۾ پيپلز بس سروس شروع ٿي وئي آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل ميمڻ تمام گهڻي محنت ڪري رهيو آهي شرجيل ميمڻ جي اها ڪوشش آهي ته بسن ۾ اضافو ڪيو وڃي. هن چيو ته سکر ۾ گهڻائي منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن سکر جي اهميت کي آڏو رکندي اسان سکر ۾ 6 يونيورسٽيون قائم ڪيون آهن سکر ۾ دل ۽ جيري جو علاج ٿي رهيو آهي ۽ ٻارڙن جو اسپتال مڪمل ٿي رهيو آهي هن چيو ته هي سفر آهي جيڪو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي جنهن کي تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ وڏو وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ ان جي پوري ٽيم ڏينهن رات ڪوشان آهي اوهان جي سامهون آهي سکر ۾ ٻيا پروجيڪٽ مڪمل ٿيا آهن سائين خورشيد شاهه ، اسلام الدين شيخ ۽ پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ نعمان اسلام شيخ، اارسلان اسلام شيخ، اويس شاهه ، جام اڪرام الله ، فرخ شاهه، مرحوم حاجي انور مهر جنهن سکر جي عوام جي ڀلائي، بهتري لاءِ مختلف اسڪيمون منظور ڪرايون اسانکي پنهنجي ليڊر شپ تي فخر آهي ته ان سڀني اپائن کي اهميت ڏني، هيلٿ سيڪٽر ۾ دل جيري جي مريضن جو علاج ٿي رهيو آهي سکر جي انفرااسٽرڪچر لاءِ پڻ اسڪيمون جلد مڪمل ٿينديون اسان سکر جي عوام پاران آصف علي زرداري،بلاول ڀٽو زرداري، سيد مراد علي شاهه جي شڪر گزار آهيون جنهن عوام کي اها سهولتون فراهم ڪيون هاڻي سکر جي عوام انهن بسن ۾ سفر ڪندا. سيد ناصر حسين شاهه هڪ سوال جو جواب ۾ چيو ته برساتن، ٻوڏ جي باوجود ڪڻڪ جي بمپر فصل ٿي آهي جنهن سان بحران ختم ٿيندو 4 هزار رپيا قميت وڌائي وئي عوام لاءِ اٽو سستو ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران سبسڊي ڏني وئي ته جئين ڀائرن ۽ ڀينرن کي اٽو سستو ملي سگهي گورنمنٽ جي اسٽالن تي اٽو 65 رپيا في ڪلو ڏنو ويو جيڪو سبسڊي ختم ڪيو ويو آهي ملز مالڪان سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي هاڻي 90 ۽ 95 رپيا في ڪلو اٽو ملندو جنهن جي ذميواري ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن تي هوندي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شهزاد طاهر ٿهيم، ايس ايس پي سنگهار ملڪ سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر وڏي انگ ۾ موجود هئا.
