ڪراچي (رپورٽ: نصراللہ جمالي ) ڊجيٽل آدم شماري سنڌ کي دفن ڪرڻ جي سازش آهي جنهن کي فوري طور روڪڻ جو مطالبو، سياسي، سماجي، قومپرستن ۽ ساڃاه وندن سنڌي ايسويئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) پاران ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان ڪانفرنس جو انعقاد آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ ٿيل سيمينار ۾ اظهار سنڌ ۾ ڊجيٽل آدمشماري تي خدشن جو اظهار ڪندي، آدمشماري کي رد ڪندي نيئن ڊجيٽل آدمنشماري ۾سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪرڻ ۽ وقت کان اڳ آدمشماري ڪرائڻ سنڌين کي اقليتن ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو. ڪانفرنس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار احمد کهڙو، پاڪستان مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر شاهه محمد شاهه ، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون، جيئي سنڌ قومي محاذ جي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي، جيئي سنڌ محاذ جو سربراه عبدالخالق جوڻيجو، قومي عوامي تحريڪ جي سربراه اياز لطيف پليجو، عوامي تحريڪ جو صدر لال جروار، عوامي جمهوري پارٽي جو صدر لال شاهه ، سانا جي اڳواڻ اعجاز ترڪ، الاهي بخش بڪڪ، دانشور نصير ميمڻ ، امان الله شيخ ، نورالهديٰ شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو . ان موقعي تي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار احمد کهڙو چيو ته سانا وارن هي ميڙاڪو سڏايو پر ٿوري دير سان ، ڪجهه وقت پرستن اجلاس گهرايو پر جيڪڏهن ان وقت مونکي گهرايو هان پوءِ اوهان چئو ها ته پيپلزپارٽي غلط پئي ڪري. اسان ته اخبارن مالڪن کي چيو ته ماڻهن کي آگاهي ڏني. گذريل مردمشاري ۾ پيپلزپارٽي خدشا ڪيا ته اسان کي گهٽ ڳڻيو ويو, آئين ۾ لکيل آهي ته ڄمندڙ ٻار کي به ڳڻيو وڃي. نثار کهڙي چيو ته ڏه ڏينهن اندر به ڪم ٿي سگهي ٿو پر همٿ جي ضرورت آهي،ڪجهه اسان جو پنهنجو به ڪوتاهيون آهن. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ڊيجٽل آدمشماري سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي ، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته سنڌي قوم ڦورن ۽ لٽيرن کي سڃاڻي ، پنهنجي دوست ۽ دشمن جي پرک ڪرڻ گهرجي . هن چيو ته 73ع وارو آئين سمورين بيمارين جي جڙ آهي ، جنهن ۾ قومن جي وجود کان انڪار ڪيو ويو آهي . هن چيو ته ڊيجٽل آدمشماري خلاف سڄي سنڌ ۾ شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏنو وڃي ته جيئن اقتدار ڌڻين تي ڪو اثر پوي . هن چيو ته جسقم مڪمل طورتي فرمائشي ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪري ٿي . شاهه محمد شاهه چيو ته هن وقت سنڌ جي تقسيم جو مسئلو هلي پيو ، مسلم ليگ سنڌ جي صدر جي حيثيت سان ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪيان ٿو . هن چيو ته آدمشماري ۾ غير ملڪي باشندن ۽ ٻين صوبن کان آيل ماڻهن کي ڳڻپ ۾ شامل نه ڪيو وڃي . جي يو آءِ اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون خطاب ڪندي چيو ته سنڌ خلاف سازش ٿي رهي آهي، پيپلز پارٽي سڀ سمجهي ٿي ۽ هو ڌارين کي هٿ وٺي ڌرتيءَ تي قابض پيا ڪن ، اقتدار جي لالچ ۾ ڌرتي ماءَ جو سودو ڪري رهيا آهن، جي يو آءِ وفاقي جماعت هوندي اسان سنڌي ماڻهن سان گڏ آهيون . ڊيجيٽل آدمشماري سنڌ جي تقسيم واري عالمي سازش جو حصو آهي ان سازش کي ناڪام بڻائن لاءِ سنڌ جي گهڻ گهرن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ،اسان ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪيون ٿا . ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته نادرا ۾ رڪارڊ هوندي آدمشماري ڇو ڪرائي پئي وڃي. آدمشماري سنڌين کان مادر وطن کسڻ جي سازش آهي ڌاري آبادڪاري کي نيڪالي ڏني وڃي ۽ ڊجيٽل آدمشماري ملتوي ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪمزور معاشرو ۽ جنهن جا نمائيندا ويڪائو هجن اهو معاشرو جلد تباهه تي ويندو آهي، پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ جي ماڻهن کان اقدار کسيو ويو، جيڪي ڪابل، برما بنگال کان آيا آهن اهي چون ٿا ته اسان سنڌ تي حاڪميت ڪنداسين. اياز لطيف پليجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو ڊوميسائيل 6 مهينا رهندڙ کي جاري ڪيو وڃي اهو ٺهراءُ پيپلزپارٽي جي قادر مندوخيل جمع ڪرايو آهي. ايم ڪيو ايم کي اڪثريت ملي ته ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جي ڳالهه ڪندا اوهان انهن سازشن کي سمجهو. ڪارساز تي بينظير ڀٽو جي ريلي جي رستي جي بجلي انهن ئي بند ڪئي.عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته دهشتگردن جي فرمائش تي آدمشماري ڪرائي پئي وڃي.وقت کان اڳ غير قانوني آدمشماري کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. لال جروار مطالبو ڪيو ته آدمشماري لاءِ رکيل 35 ارب رپيه سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ خرچ ڪيا وڃن. نامياري اديبه سائنڻ نورالهديٰ شاهه چيو ته سنڌ جي سياست ۾ قوم پرست جماعتن جو وڏو ڪردار آهي ، جن هميشه سنڌ جي مسئلن تي آواز اٿاريو آهي . سنڌي قوم سستي ڇڏي پنهنجي مستقبل لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ ان لاءِ ساڀني ڌرين ۾ ايڪو اتحاد لازمي آهي .دانشور امان الله شيخ چيو ته ڊيجيٽل آدمشماري وفاق جي فائدي ۾ نه آهي ، سياسي پارٽين کي ايندڙ سانحي کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تياري ڪرڻ گهرجي . اسان جي سياست ۾ مزاحمت ۽ مفاهمت جا ٻه پاسا آهن ، سنڌين جڏهن به مزاحمت ڪئي آهي ته ان جا نتيجا مليا آهن ، هاڻ به جيڪڏهن قوم متحد ٿي ته 48 ڪلاڪن اندر نتيجو ڏئي سگهون ٿا . عوامي جمهوري پارٽي جي صدر لال شاهه چيو ته ڊجيٽل آدمشماري جي ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، نادرا لکين پرڏيهي باشندن جا سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا آهن . ڊجيٽل آدمشماري ۾ شناختي ڪارڊ جو شرط ختم ڪرڻ تي خدشا آهن .اسان ڊيجيٽل آدمشماري کي سختي سان رد ڪيون ٿا .سانا جي نائب صدر اصغر پٺاڻ چيو ته سنڌ ۾ آدمشماري جو وڏو مسئلو هلي رهيو آهي، ان تي نظر رکي وڃي. وليد شيخ چيو ته اسان وٽ سنڌ ۾ آدمشماري به سياسي ٿي وئي آهي، سانا ڪنهن به اپوزيشن ۾ ناهي پر هي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان تي پنهنجو موقف پيش ڪري ٿي،ڪراچيءَ جي ڪري ٻيهر ملڪ ۾ آدمشماري ٿئي پئي، اسان سڀني اسٽيڪ هولڊر کي گڏ ڪيو آهي. اسحاق سومرو چيو ته آئيني طورتي آدمشماري هر ڏهين سال ٿيڻي آهي ، هن دفعي پنج سالن کانپوءِ آدمشماري ڪرائن جي ڪهڙي ضرورت آهي . ننڍي کنڊ جو ورهاڱو مذهب جي بنياد تي ٿيو ، ملڪ ٺهڻ کانپوءِ پهرين آدمشماري ۽ اليڪشن مذهبي بنيادن تي ٿي . ملڪي تاريخ ۾ 4 دفعا آدمشماري پنهنجي آئيني مدي تي ٿي. ان کانپوءِ ٿيندڙ آدمشماري تڪراري ۽ سياسي مسئلو رهيو آهي . هن وقت آدمشماري ٻهراڙي ۽ شهري طبقن ۾ ورهايل آهي . 2017ع واري آدمشماري ۾ سنڌي جي ڳڻپ گهٽ ڏيکاري وئي . ڪراچي ۾ واحد ملير ضلعو آهي جتي سنڌين جو انگ 31 سيڪڙو آهي جڏهن باقي ضلعن ۾ ڳڻپ تمام گهٽ ڏيکاري وئي . ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي وطن ۾ تيزي سان اقليتي ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي . ان موقعي تي دانشور نصير ميمڻ ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان بريفنگ ڏني . نصير ميمڻ ٻڌايو ته آدمشماري 5 سالن بعد ٿئي پئي پر اها به فرمائش تي ٿئي ٿي هڪ رپورٽ موجب ڪراچي ۾ صرف 10 سيڪڙو ماڻهو سنڌي ڳالهائيندڙ آهن، جيڪو وقت مردم شماري لاءِ ڏنو ويو آهي اهو تمام گهٽ آهي، وقت تي ڪراچي ۾ آدمشماري ممڪن ئي ناهي، ٻوڏ دوران لکين ماڻهو دربدر آهن گهر ڪريل آهن، سنڌ جي ڪچي واري علائقن ۾ جتي پوليس به نه ٿي وڃي سگهي، اتي سينسز ڪيئن ٿيندي. ڪالم 25 کان 17 کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ٻاهران ايندڙن جي خبر پئجي سگهي.
