ڪڍڻ (ن س) ڪڍڻ شهر ڀرسان يونين ڪائونسل ڀڳڙا ميمڻ جو پرائمري اسڪول الهبچايو راهمون کي گذريل ويهن سالن دوارن پڪي عمارت نه ملي سگهي آهي، جڏهن ته ڳوٺاڻن طرفان پنهنجي مدد پاڻ ٺاهيل جهوپڙي پڻ گذريل تيز طوفاني برساتن سبب ڪري پئي جنهن سبب 40 کان مٿي معصوم ٻارڙا ۽ نياڻيون وڻ هيٺ ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آهن. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن محمد حسن راهمون، غلام حسين، محمد عثمان، محمد حنيف، ابراهيم، منصور، عبدالمنان، علي نواز، منيهن وسايو، ممتاز قربان علي ۽ ٻين ٻڌايو ته هڪ طرف تعليم کاتي پاران تعليم ۽ سڌاري جون دعوائون ڪيون پيون وڃن پر اسان جي ڳوٺ جي اسڪول کي گذريل ويهن سالن ۾ عمارت ناهي ملي سگهي جنهن ڪري اسان جا معصوم ٻارڙا سردي گرمي ۾ وڻ هيٺ ويهي پڙهي رهيا آهن. هنن چيو ته اسان تعليم کاتي جي ڪامورن کي ڪيترائي دفعا عمارت لاءِ عرض ڪيو آهي پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور اسڪول جي پڪي عمارت ڏئي پريشاني ختم ڪري معصوم ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿيڻ کان بچائي وڃي.
