معصومه سومرو
سُڌريل سماجن ۽ مُعاشرن جي اهم سُڃاڻپ اها به هوندي آهي ته اُتي جي سماجن ۾ اهو به جانچيو ويندو آهي ته اُتان جون عورتون ڪيتريون بااختيار آهن؟ ۽ اُهي روزگار ۽ ٻين معاملن ۾ پاڻ ڀريون ڪيتريون آهن.؟ جيڪي سماج عورتن جي حوالي سان برابريءَ جا بُنياد رکندا آهن. اهڙا سماج ڪڏهن به مُعاشي، ثقافتي، سياسي ۽ سماجي حوالي سان ڪنهن جا مُحتاج بڻجي ناهن سگهندا. جيڪي سماج عورتن جي برابريءَ جا مُخالف هوندا آهن، اُهي ڪڏهن به جديد دُنيا ۾ پنهجا پير پُختا ڪري ناهن سگهندا. جڏهن هن مُلڪ جو اڌ کان به وڌيڪ حصو عورتن تي مُشتمل آهي ۽ اُهي مُعاشي طور پاڻ ڀريون ناهن ته پوءِ هن مُلڪ جي ترقيءَ جو تصور اڻپورو بڻجي وڃي ٿو. هن وقت اهو ثابت ٿي چُڪو آهي ته دُنيا ۾ ڪنهن به تحريڪ يا ڪنهن به وڏي جدوجهد ۾ جيسيتائين عورتن جي شموليت ممڪن بڻجي ناهي سگهندي ته اُها جدوجهد ڪاميابيءَ جون منزلون ماڻي ناهي سگهندي. پاڪستان جي آئين ۾ به عورتن جي حقن جي حوالي سان قانون سازيون ڪيون ويون آهن پر اُن جي باوجود به هوم بيسڊ ورڪرز (گهرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن ۽ ٻارڙن) جن مٿان مختلف طريقن سان تشدد ڪيو وڃي ٿو. علائقائي حالتن ۽ مقامي رسمن خلاف وڌيڪ قانون سازيءَ جي ضرورت آهي، جيڪا اُن تشدد جي روڪٿام جو سبب بڻجي سگهي. جيتوڻيڪ هن مُلڪ جي اندر حُڪومت ۽ سياست مٿان قابض طبقو اهو دعوى ڪندو رهيو آهي ته اُنهن جي بُنيادي سياسي ايجنڊا ۾ عورتون ۽ اُنهن جا حق ترجيحي بُنيادن تي رهندا، پر حقيقتون ڪُجهه اُنهن جي ابتڙ هونديون آهن. خراب حُڪمرانيءَ، ناقص پاليسين ۽ وسيلن جي غير شفاف ورهاست سبب جيڪو سڀ کان وڌيڪ استحصال جو شڪار طبقو آهي، اُهي عورتون آهن.
اڪانامڪ سروي آف پاڪستان جي ساليانه رپورٽ 2012ع- 2013ع موجب سنڌ ۾ شهري سطح تي 56 سيڪڙو ۽ ٻهراڙين ۾ 84 سيڪڙو عورتون تعليم کان محروم آهن. ساڳي طرح پنجاب ۾ شهري سطح تي 25 سيڪڙو ۽ ٻهراڙين ۾ 48 سيڪڙو عورتون تعليم کان محروم آهن. خيبر پختونخوا ۾ شهري سطح تي 49 سيڪڙو ۽ ٻهراڙين ۾ 69 سيڪڙو عورتون تعليمي حق کان محروم آهن. بلوچستان جي شهري علائقن ۾ 56 سيڪڙو ۽ ٻهراڙين ۾ 77 سيڪڙو عورتون تعليمي حقن کان محروم آهن. اُنهن انگن اکرن ۾ سڀ کان وڌيڪ جيڪو صوبو مُتاثر رهيو آهي، اُهو سنڌ آهي. هن وقت جڏهن 2019ع ۾ پير پاتا آهن، تڏهن به جيڪڏهن انگ اکر گڏ ڪبا ته ڪا وڏي تبديلي نظر نه ايندي ڇاڪاڻ ته نياڻين جي تعليم لاءِ حُڪومتي سطح تي ڪي وڏا ۽ اهم فيصلا نظر مان گُذري ناهن سگهيا. مُلڪ جا سمورا حُڪمران هن وقت تائين عورتن جي تعليم ۽ اُنهن جي صحت جي سُڌارن لاءِ جيتريون دعوائون ڪندا رهيا آهن. عملي طور ڏسبو ته صحت جي شُعبي ۾ ساڳين سالن ۾ مُلڪ جي جِي ڊي پي جو 0.6 سيڪڙو تعليم تي ۽ 2.4 سيڪڙو صحت تي خرچ پئي ٿيو. اسان پنهنجي پاڙيسري مُلڪن ۾ اُهو واحد مُلڪ آهيون، جنهن جي جِي ڊي پي جو گهٽ ۾ گهٽ حصو تعليم ۽ صحت جي شُعبي تي خرچ ڪيو ويندو آهي.
هڪ غير سرڪاري تنظيم جي 2013ع جي ساليانه رپورٽ موجب مُلڪ ۾ 5815 عورتن مٿان مُختلف قسمن جي تشدد جا واقعا رپورٽ ٿيا، جن ۾ 2012ع کان 12 سيڪڙو واڌ ٿي. يو اين ڊي پي جي هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس واري ساڳئي سال جي رپورٽ کڻبي ته دنيا جي 186 مُلڪن مان اسان 146 نمبر تي پُهتل هُئاسين. 2017ع تائين اسان تمام گهڻا سُڌارا آڻڻ ۽ قانونسازيون ڪرڻ جي باوجود به هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس واري نمبرن ۾ جن ۾ دُنيا جا 189 مُلڪ شامل رهيا اُنهن ۾ اسان 150 نمبر تي رهياسين. اها ڳالهه ياد رکڻ گُهرجي ته هاڻ دُنيا ۾ مُلڪن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ کي جانچڻ جو هڪ وڏو سبب صنفي فرق جو خاتمو ۽ عورتن جي اقتصادي خوشحالي آهي. جيڪڏهن پاڪستان جا حُڪمران عورتن جي اقتصادي ترقي چاهيندا ته اُن لاءِ تعليم جي شرح کي وڌائڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان کين سوچڻو پوندو. عورتن جي تعليمي شرح وڌندي ته اُنهن جي روزگار جا نوان دروازا کُلندا، پر افسوس جو هن مُلڪ ۾ روزگار جي وسيلن جي اڻهوند به پڙهيل لکيل عورتن جي اقتصادي ترقيءَ جون گهٽيون بند ڪري ڇڏيون آهن.
اها به افسوس جي ڳالهه آهي ته عورتن جي بُنيادي انساني حقن جي حاصلات لاءِ ٿيندڙ جدوجهد ۽ هن سال عورتن واري عالمي ڏينهن تي شعوري طور اُن جدوجهد کي عورت مُّخالف تحريڪ ۾ تبديل ڪيو ويو. مردن جي شائونسٽ سوچ کي تبديل ڪرڻ لاءِ عورتن کي جيڪا گُهربل پُرامن جدوجهد ڪرڻ گُهرجي ها، اُن جدوجهد کي نامِ نهاد نعرن سان تباهه ڪيو ويو. جيڪي نعرا مُختلف بينرن تي پڙهڻ لاءِ سڄي مُلڪ جي اندر بحث جو موضوع بڻيا. اُهي نعرا سماج جي مظلوم ترين ۽ پيڙهيل طبقي سان تعلق رکندڙ عورتن جي نُمائندگي ڪرڻ بجاءِ، اُهي نعرا اُن طبقي سان لاڳاپيل عورتن جي نُمائندگي ڪري رهيا هُئا. جنهن طبقي جي عورتن جا مسئلا ئي مُختلف آهن. جيڪڏهن زميني حقيقتون ڏسجن ته ڇا اُهي نعرا ڪنڌڪوٽ ۾ ڪُٺل نازڪ نارين جي نُمائندگي ڪري رهيا هُئا؟ يا مُلڪ جي اُن مظلوم عورت سان اُنهن نعرن جو ڪهڙو تعلق هو، جن جي چهرن مٿان روزانو تيزاب هاري کين تباهه ڪيو وڃي ٿو يا اُهي نعرا ماني تيار نه هُجڻ سبب مردن جي تشدد جو نشانو بڻجندڙ سنڌ جي هر ضلعي جي عورتن جو ڪو آواز بڻجي سگهيا؟ اُهي نعرا مُلڪ جي ايليٽ ڪلاس جي اُنهن عورتن جي نُمائندگي ڪري رهيا هُئا، جن جا مسئلا ئي مُختلف آهن. جيڪڏهن فيمنسٽ تحريڪون به عورتن جي بُنيادي انساني حقن کان اڻواقف بڻجي شعوري طور عورتن جي حقن لاءِ هلندڙ جدوجهد جي ڪُکِ ۾ خنجر هڻنديون ته پوءِ عورتن جي حقن لاءِ آخر آواز ڪير اُٿاري سگهندو؟ مُلڪ جو باشعور ۽ سنجيده طبقو، جيڪو عورتن جي اُن تحريڪن سان سلهاڙيل رهيو آهي ۽ وڏو همدرد بڻيل آهي، اُهو پڻ هاڻ ان ڳالهه تي ويچاري رهيو آهي ته مظلوم عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد جو رُخ ڪهڙي پاسي موڙايو ويو آهي؟ اهڙن نعرن جي وسيلي جيڪڏهن عورتن جا حق حاصل ٿي سگهن ها ته پوءِ مُلڪ جي ايوانن ۾ نوان بِل ۽ نوان قانون پاس ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هُئي؟ اها ڳالهه سمجهڻ گُهرجي ته هر مُلڪ جي اندر عورتن جي مسئلن جي نوعيت مُختلف هوندي آهي. پاڪستان جهڙي مُعاشري ۾ جتي عورتون ڏکي ترين زندگي گُذاري رهيون آهن، اُتي چند ايليٽ ڪلاس جون عورتون اُنهن جي حقن جي آواز لاءِ نڪتل ريلين ۾ شامل ٿي عورتن جي حقن لاءِ هلندڙ جدوجهد کي ڪمزور بڻائي ڇڏين ۽ عورتن جي حقن لاءِ هلندڙ تحريڪون سماج جون همدرديون حاصل ڪرڻ بجاءِ نين نفرتن جا بُنياد وجهي ڇڏين ته پوءِ عورتن کي حق حاصل ڪيئن ٿي سگهندا؟ عورتن جو مسئلو رُڳو لباس جو ئي ناهي، نه ئي اهو آهي ته عورت کي شلوار ۽ قميص بجاءِ ٽي شرٽ ۽ جينز جي آزادي هُجي پر هتان جي عورت جو مسئلو بُک، بدحالي ۽ اُن جي نتيجي ۾ پئدا ٿيندڙ اُهي حادثا آهن، جن جو شڪار سڀ کان پهرين هتان جي عورت ٿئي ٿي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته عورتن جا اهم مسئلا، جيڪي مٿي مُختلف ادارن جي انگن اکرن ۾ بيان ڪيا ويا آهن، ڇا اُنهن مسئلن لاءِ اُنهن ريلين ۾ ڪو سماجي جاڳرتا جو بينر موجود هو؟ صحت، تعليم، لوڊشيڊنگ، مهانگائي، بي روزگاري، وسيلن ۽ انفرااسٽرڪچر جي گهٽتائي، سماجي ناانصافي ريپ ۽ گينگ ريپ جي ڪنڌ تي ڪِريل ڪُهاڙي، گهٽ عمر ۾ شادي، جسماني ۽ نفسياتي تشدد، غيرت جي نالي تي قتل ۽ ڪيتريون وڏيون قيامتون آهن، جيڪي عورت جي حصي ۾ ئي اچن ٿيون. ٻئي پاسي اُنهن سمورين مصيبتن کي مُقدر ۽ نصيب جو لکيو سمجهي لوڙڻ واريون به اُهي عورتون ئي آهن، جنهن سبب اُنهن جا مسئلا حل ٿيڻ بجاءِ وڌندا ئي رهن ٿا. جيڪڏهن ڪا عورت صحت جي معاملي ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ته اُهو به گُناهه جي زمري ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. اقوامِ مُتحده جي 15 فيبروري 2018ع واري رپورٽ موجب پاڪستان جون 48 سيڪڙو عورتن کي پنهنجي صحت جي معاملي ۾ راءِ ڏيڻ جو به حق حاصل ناهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان ڪهڙي دور ۾ زندگي گُذاري رهيا آهيون؟
