لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) جميعت علماءِ اسلام ضلعي طرفان ٻن ڏينهن جو تربيتي ورڪشاپ ضلعي امير مولانا ناصر خالد محمود سومرو جي صدارت ھيٺ جامعه اسلاميه اشاعت القرآن لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺايو ويو جنھن ۾ جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو، جي يو آءِ ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري محبت علي کھڙو، مرڪزي اڳواڻ مولانا عبدالقيوم ھاليجوي، مولانا عبدالمجيب قريشي، مولانا سائين عبدالله احمد ھالا، مولانا محمد رمضان ڦلپوٽو، سميت جي يو آءِ جا مرڪزي توڙي اڳواڻ، سنڌ جا ناميارا بزرگ، عالم، مشائخ، اديب، ليکڪ ۽ ٻين شرڪت ڪري مختلف موضوعن تي ليڪچر ڏيڻ سان گڏ مختلف سياسي سماجي مذهبي موضوعن تي ڄاڻ ڏني. ان موقعي تي جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ھن ڪرونا وبا ۽ ٻوڏ جي صورتحال کان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ڏکي وقت ۾ جميعت علماءِ اسلام غريب ماڻهن سان گڏ بيٺي رھي. جميعت علماءِ اسلام جي پليٽ فارم تان غريب ٻوڏ متاثرن جي ھر ممڪن مدد ڪئي. ھن چيو ته جميعت علماءِ اسلام جو اڄ تائين وزيراعظم ڪونه آيو آھي، نه ئي سنڌ جو وڏو وزير ٿيو آهي پر ان باوجود به اسان پر اميد آهيون ته ھڪ ڏينھن عوام جي ووٽن جي بدولت اسان اقتدار ۾ اچي ڪري ملڪ کي اسلامي رياست بڻائينداسين. ھن چيو ته ھن وقت ۾ مهنگائي عمران خان جي چار سالن جي حڪومت جي ڪري آھي. اسان جي جماعت جي به ۾ اڪثريت گھٽ آهي. پر ان باوجود عوامي مسئلا بھتر نموني اٿاريا آهن. تربيتي ورڪشاپ کي مولانا محمد صالح انڍڙ، مولانا عبدالرحيم پٺاڻ، مولانا طاھر خالد محمود سومرو، مولانا غلام محمد سومرو، مولانا مسعود احمد سومرو، مفتي عبدالرحيم پٺاڻ، مولانا مير حسن بروهي، مولانا حاجي امداد الله ڦلپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي جي يو آءِ جي چئني تعلقن جي مجلس عمومي جا ميمبر، پوري ضلعي جي مسجدن جا پيش امام ۽ جي يو آءِ سان لاڳاپيل استاد، پروفيسر، ليڪچرار، ڊاڪٽر ۽ واپاري توڙي وڪيل پڻ موجود هئا.
