ايس يو پي جو پيادل مارچ: اَندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون!

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
ٽلٽيءَ جي ميدان تي محمود ۽ موٽڻ جو پنھنجي سنگتين ۽ ساٿين سميت پنھنجي سرن جو ٻليدان ڏئي وھيل رت ۾ اھا خوشبوءَ وري موٽي آئي ھوندي، جڏھن صديون گذرڻ کانپوءِ ساڳي مرشد مخدوم بلاول جي ٻئي پوئلڳ سائين زين شاھ پنھنجي سنگتين ۽ ساٿين سميت پيرن مان وھندڙ رت سان سندس حضور ۾ حاضري ڀري ھوندي ته يقينن مرشد مخدوم بلاول روحاني طور تي سرھو ٿيو ھوندو ته سندس اھڙا مريد اڃا کٽا ۽ ٿڪا ناھن، جيڪي پنھنجي وطن سنڌ خاطر نه فقط جسم مان گھڻي پنڌ ڪرڻ سبب رت وھائڻ قبول ڪن ٿا، پر ھو دلي ۽ ذھني طور تي پنھنجي وطن سنڌ خاطر اھڙي قرباني ڏيندي سرھائي محسوس ڪن ٿا. محمود ۽ موٽڻ جيڪڏھن چاھين ھا ته پنھنجي والد شھيد دولھ دريا خان جي جاگير گاهه کي سنڀالي سَڄي عمر آرام ۽ سڪون سان زندگي گذاري پئي سگھيا، پر محمود ۽ موٽڻ شھيد دريا خان جا اُھي سڀاڳا پٽ ھئا، جن پنھنجي پوڙھي والد جي سنڌ وطن خاطر ڏنل رت وساري ويھڻ بجاءِ مخدوم بلاول، جيڪو شھيد دريا خان جو به مرشد ۽ اڳواڻ ھو، ان سان گڏجي ٽلٽيءَ جي قلعي کي مورچو ٺاھي سنڌ جي دشمنن سان مھاڏو اٽڪايو ۽ جامِ شھادت نوش ڪيائون ۽ مرشد مخدوم بلاول معافي وٺڻ بدران يا چپ ڪري ويھڻ يا ڪا ڪنڊ وسائڻ بدران ڌارين ۽ انھن جي اتحادين خلاف ٻارڻ پئي ٻاريو ۽ نيٺ پنھنجن جي ڪوڙين ڏنل شاھدين ذريعي گھاڻي ۾ پيڙھجڻ قبول ڪيو، پر جنگ کانپوءِ شڪست تي خاموش ٿي ھٿ تي ھٿ رکي چپ ٿي نه ويٺو. جڏھن باغبان جي حدن ۾ ان رت سان پيادل مارچ جي پانڌيئڙن جو وھيل رت جا ڦڙا گڏيا ھوندا، تڏھن يقينن سنڌ امڙ مرڪي پئي ھوندي ته برساتن جي صورت ۾ سنڌ مٿان مڙھيل ڌارين جي ايجنٽن جي روپ ۾ سنڌ تي حڪمراني ڪندڙن جي لالچ ۽ خوف کان متاثر ٿيندڙ ڪجھ ماڻھو ھيسجي ۽ خاموش ٿي ڪنھن انڪم سپورٽ جي آسري پاڻ مٿان آيل مصيبتن جي باوجود خاموش، لاپرواھ ۽ لاتعلق ٿي ويھي ڪومايل چھرن سان مصيبت آڻيندڙن جي نااھليت ۽ ڪرپشن جي ڪري خاموشيءَ سان مصيبتون برداشت ڪري رھيا آھن ۽ ٻڙڪ به ٻاھر ڪڍڻ لاءِ تيار ناھن، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ هر ايندڙ ڏينهن ڪو نه ڪو نئون حادثو، ۽ سانحو کڻي اَچي ٿو. تڪليفون گهٽ ٿيڻ بدران هر روز وڌي رهيون آهن، ۽ صورتحال مان صاف ظاهر آهي ته جيڪڏهن ڀرپور جدوجهد نه ڪئي وئي، ۽ قومي سُجاڳي جو گڏيل مظاهرو نه ڪيو ويو ته ايندڙ وقت اڃا به وڌيڪ ڪٺن هوندو!
بهرحال! جڏھن ليکارين جي قلمن جون مسون اھڙن ظلمن کي ظاھر ڪرڻ لاءِ سڪي ويون آھن، مجموعي طور تي جڏھن قوم ڳجھارتن ۾ به ڳالھ ڪرڻ لاءِ تيار ڪونھي، اھڙي دور ۾ سائين زين شاھ، روشن ٻرڙو ۽ امير حسن پنھور پنھنجي ساٿين سان بغير ڪنھن پرواھ جي روڊن جا سينگار ٿي کلي عام سنڌ کي لٽيندڙ ڦريندڙ ٽولي کي وائکو ڪرڻ لاءِ ۽ سنڌي قوم کي ميارون ڏيڻ بجاءِ کين ھوشيار ڪرڻ لاءِ نڪري پيا آھن ته محسوس ٿئي ٿو 2012ع ۽ 2014ع کانپوءِ سنڌ جا نوجوان وري پنھنجي وطن سنڌ جي گاديءَ واري ھنڌ وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي سنڌ جي سورن جي سربراھن کي نه فقط وائکو ڪندا، پر اڀري سڀري حال ھوندي به انھن کي للڪاريندا ته متان سمجھو ته سنڌ ڪوما ۾ ھلي وئي آھي، پر پنھنجي سڀاڳن پٽن جي سھاري ان انتظار ۾ آھي ته ڄام نظام الدين جو دور وري سنڌ کي موٽي ملندو. تنقيد ڪندڙن ته دولھ دريا خان کي به نه بخشيو ھو ۽ چئي ڏنو ته ڏاھر واري دور واري سنڌ جي جاگرافي وارو ملڪ موٽائي نه سگھيو. ”منھنجو سائين زين شاھ ۽ سندس ساٿين کي عرض آھي ته ٿيندڙ تنقيدن تي نظر ضرور رکو، پر انھن کان پريشان ٿيڻ جي ڪابه ضرورت ناھي، وک مڙئي اڳ ڀري رھي ته يقينن سڄي سنڌ ۾ اھڙي صورتحال ٿيندي جڏھن سڄي سنڌ ۾ ائين ٿيندو ته وڻ ٽڻ وائي ھيڪڙي.“ ھر طرف سنڌ وطن آزاد کپي- خوشحال کپي جون صدائون بلند ٿينديون. سائين زين شاھ جيڪو ان جاگير جو وارث آھي، جيڪا جاگير سنڌ کي سنڀالڻ لاءِ ڄام نظام الدين ۽ سنڌ جي سپھ سالار دولھ دريا خان سائين حيدر شاھ سنائي کي ڏني ھئي. سنڌ کي سنڀالڻ لاءِ مليل اھا ملڪيت ڪڏھن به سنڌ دشمنن کي سڪون سان ويھڻ ناھي ڏنو. حيدر شاھ سنائي کان وٺي سائين زين شاھ تائين اھا ملڪيت سنڌ جي بقا ۽ بچاءَ خاطر ڪم ايندي رھي آھي ۽ 16 پيڙھين تائين سنڌ خاطر تڪليفون ئي سٺيون اٿن، پر پوءِ به ڪڏهن آڻ نه مڃي اٿن. هِي اُهي انمول ماڻهو آهن، جيڪي الزامن ۽ پٿرن کي گُلابن جيان قبول ڪندا آهن، ۽ مُسڪرائي اڳتي وڌندا رهندا آهن. سائين جي ايم سيد کان وٺي زين شاهه تائين سنڌ سان مُحبت ۽ عشق جو اهو سلسلو هلندڙ آهي، جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏاڍو مُشڪل آهي. عشق هونئن ئي قابلِ فخر هوندو آهي، پر جڏهن اُهو عشق پنهنجي قوم، وطن ۽ ديس جي مِٽيءَ سان ڪيو وڃي ته اُن جي مهانتا اڃا به وڌي ويندي آهي، ۽ اُهو سڀ ڪجهه گهڻن ماڻهن جي نصيب ۾ نه ايندو آهي. گهٽ ماڻهو هُوندا آهن، جَن کي عشق جي اُها منزلت حاصل ٿيندي آهي، جو اُهي ماڻهو پنهنجي ديس جي مٽيءَ ۾ فَنا ٿِي سَراپا جدوجهد بڻجي ويندا آهن، ۽ پوءِ جڏهن طبعي طور نه به رهندا آهن، ته به اُنهن کي صدين ۽ هزارين سالن تائين ياد رکيو ويندو آهي!
ڇتن شاھ ۽ سائين محمد شاھ، جيڪي سائين زين شاھ جا پڙ ڏاڏا ھئا، جڏھن سڄي سنڌ انگريزن جي حڪم تي حيدرآباد ڪينٽ ۾ انگريز حڪمرانن سان ملڻ لاءِ پنھنجون سواريون راجپوتانه اسپتال وٽ بيھاري (جيڪو ان دور ۾ وڏو ميدان ھو) پيرين پنڌ ڪينٽ ويندا ھئا ته سائين ڇتن شاھ ۽ سائين محمد شاھ پنھنجي سواري تي ڪينٽ اندر ويندا ھئا. نيٺ انگريزن تنگ ٿي ڪري سائين محمد شاھ کي سن ۾ چوڪي ھڻي سندس چرپر محدود ڪري ڇڏي ھئي، سائين زين شاھ کي به ڪڏھن لالچون ته ڪڏھن داٻا سڌي يا اڻ سڌي طرح ملندا ٿا رھن، پر ھي شخص وڏن جي استقامت کي برقرار رکيو اچي، لالچ ۽ خوف کي ته سولي سنڌيءَ ۾ سائين زين شاھ کنگھي ئي نٿو. اُهو به سچ آهي ته سندس مطالبن سان اختلاف ٿي سگهي ٿو، پر پنهنجي وطن سان سندس مُقدس مُحبت تي ڪو به شڪ نٿو ڪري سگهجي، جيڪا ڪنهن ڪنواري ناريءَ جي حرمت برابر آهي. هڪ اهڙي ڪامڻي، جيڪا پنهنجي لوئي ۽ لَڄ بچائڻ لاءِ جان به قربان ڪري ڇڏيندي آهي. سَن جو هِي سيد خاندان به سنڌ سان ائين ئي سَچو رهيو آهي. بيشڪ! سائين زين شاھ جا سادا مطالبا سنڌ لاءِ ڀلي ايترا اھم نه ھجن، پر پوءِ به مطالبن ۾ سنڌ جي بقا جي خوشبو اچي ٿي، دل ڦٽيل ۽ ميڊيڪلي ان فٽ ھئڻ جي باوجود به ساڻس 2-3 وکون گڏ ضرور کڻبيون. جيتوڻيڪ ويڙھ ھلندي نه رسبو آھي ۽ ن ئي وري لاتعلق ٿي ويھي رھبو آھي، پر رايا پنھنجن کي ضرور ڏبا آھن. ھڪ غلطي جيڪا لاشعوري ۾ پيادل مارچ ڪرڻ وارن کان ٿي وئي آھي، اھا ھي آھي ته شڪارپور ضلعي ۾ جتي رات رھيا ھئا ته صبح جو اٿي اڳواڻ گاڏين تي چڙھي شھيد الهه بخش سومرو ۽ شھيد قيوم منگي تي حاضري ڀري وري اچي قافلي سان گڏجي سفر ڪجي ھا ته مناسب ھو ۽ لاڙڪاڻي ۾ به ترسڻ مھل صبح سان رڳو اڳواڻ گاڏي تي چڙھي شھيد بشير خان قريشي تي گل رکي وري موٽي اچي قافلي سان پيرين پنڌ نڪرن ھا ته سٺو تاثر سنڌ ڏانھن وڃي ھا. ھاڻي به آمريءَ ۾ چانھ پيئندي ڪجھ اڳواڻ سائين جي ايم سيد وٽ حاضري ڀري وري موٽي اچي قافلي سان ھلڻ شروع ڪن ته بھتر رھندو. سڪرنڊ ۾ رات رھندي صبح جو سائين امداد شاھ وٽ حاضري ڀرجي ته ڀٽ شاھ تي به حاضري ضرور ڀرڻ گھرجي، جنھن چيو ھو:
سَڌائتي سڀ ڪا، بُک نه باسي ڪا-
جيھي تيھي ذات جي، جُنبش ناهي جاءِ-
مُون سين ھلي سا، جا جيءَ مٺو نه ڪري!
لطيف سائينءَ جي اُها شاعري اُن ئي جدوجهد جي عڪاس آهي، جيڪا خاص طور تي سسئي جي روپ ۾ نظر اچي ٿي. هڪ اَهڙي جدوجهد، جنهن ۾ جان جي به پرواهه نه ڪجي، ۽ پنهنجو جيءَ به مِٺو نه ڪَجي. اُها حقيقت آهي ته منزل به اُنهن ئي ڪردارن کي مِلندي آهي، جيڪي عوام، قوم ۽ پنهنجي ديس جي راهه ۾ سَڀ ڪُجهه قربان ڪري ڇڏيندا آهن. سِنڌ جو سُهڻو لطيف وڌيڪ چوي ٿو:
سُکن واري سڌ، متان ڪا مون سين ڪري-
اندر جنين اڌ- ڏونگر سي ڏورينديون!
اِئين ڪندي جڏھن اُھو پيادل سنڌ مارچ جو قافلو واٽ تي ايندڙ سنڌ جي شَھيدن تي حاضري ڀرائيندو، جڏھن جوڳي موڙ تان ڪراچي پريس ڪلب روانو ٿيندو، تڏھن ڪراچي جا روڊ ڳاڙھن جھنڊن سان نروار ھوندا، ۽ اُهو نظارو ڏاڍو وڻندڙ هُوندو. وقت اَچي ويو آهي ته سِنڌ جي عاشقن تي الزام تراشيون ۽ سَنگ باري ڪرڻ بَدران اُنهن جو ساٿ ڏِجي. هِي رُڳو مُنهنجو سڏ نه، سنڌ ۽ تاريخ جو به سَڏ آهي!

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں