باڊھ: سينيئر صحافي سليم سومرو جي معصوم ڀائيٽي گم

باڊھ (ن س) باڊھ لڳ سيھڙ جي سينيئر صحافي جي ڀائٽي 5 سالا معصوم گلن جهڙي ٻارڙي گم, گھڻي ڳولا باوجود ھٿ نه اچي سگهي, واقعي خلاف وارثن ۽ سوين ڳوٺاڻن جو راڌڻ موئن جو دڙو  لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو, ٽائرن کي باهيون، رپورٽ موجب سيھڙ ٿاڻي جي حد سيھڙ وليج مان صحافي سليم سومرو جي ڀائٽي 5 سالن معصوم گلن جھڙي نياڻي ڪنزا ولد نثار احمد سومرو ڪالهه شام 4 بجي گم ٿي وئي آهي, ڳولها باوجود هٿ نه اچي سگهي آهي. واقعي خلاف وارثن ۽ ڳوٺاڻن پاران ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ٻئي طرف ٻارڙي جي چاچي صحافي سليم سومرو ٻڌايو آهي ته ڪالهه شام کان معصوم ٻارڙي گم ٿي وئي آهي . مٽن مائٽن سميت آس پاس جي ڳوٺن ۾ گھڻي ڳولا باوجود ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو، جنهن سبب معصوم نياڻي جا وارث سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن, گهر ۾ ڪهرام  متل آهي. ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ 5 نامعلوم هٿياربندن رات دير سان صحافي سليم سومرو ۽ سندس گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي روڪ رقم سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا هئا پر سيهڙ پوليس هن وقت تائين واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں