فيصل آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان لاءِ ٻڏي مرو تحريڪ بڻجي چڪي آهي. فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان جا ڀڃ ڊاهه ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ جا سمورا حربا ناڪام ٿي ويا، اڃا پري جي جيلن ۾ گهڻي گنجائش آهي، اڳ ۾ اهي ڀرينداسين پوءِ ويجها ڀرينداسين، پري جا جيل ڀرجڻ کانپوءِ لاهور ۽ راولپنڊي جا جيل ڀرينداسين. هن چيو ته گذريل 8 مهينن کان عمران خان فتنو برپا ڪري رکيو آهي، عمران خان 4 سال ملڪ لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو. سندس چوڻ هو ته جيل ڀريو تحريڪ ۾ 80 سيڪڙو ماڻهو ضمانت جي درخواست ڪري رهيا آهن، جيل ڀريو تحريڪ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان لاءِ ٻڏي مرو تحريڪ بڻجي چڪي آهي.
