حيدرآباد ۾ سارنگا ادبي ۽ ثقافتي سوسائٽي پاران سنڌ جي ٻاٻيھي  راڳي صادق فقير جي اٺين ورسي تقريب ملھائي وئي

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد جي سنڌي ٻولي جي بااختيار ھال ۾ سنڌ جي ٻاٻيھي  راڳي صادق فقير جي اٺين ورسي تقريب سارنگا ادبي ۽ ثقافتي سوسائٽي پاران ملھائي وئي. ان موقعي تي اديب ۽ لينگويج اٿارٽي جي چيئرمين اسحاق سميجو چيو ته صادق فقير جي زندگي تي ھڪ ڪتاب لکي سگھجي ٿو. ھو ڪڏھن به زندگي مان ڪڏھن مايوس نه ھو. ھن وٽ زندگي گذارڻ جو ڏانءُ ھو. صادق فقير ڏک نه پر خوشي جو نالو آھي. صادق فقير خوشي سان زندگي گذاري جنھن جو ڏينھن به ڏک نه پر خوشي سان ملھائجي. صادق فقير جي وڏي پٽ صابر فقير چيو ته اسين ھميشه صادق فقير جي ورسي مٺي ۾ ملهائيندا هياسين . پر ھن ڀيري سارنگا وارن خصوصي درخواست ڪئي آسان انھن جي درخواست کي مان ڏيندي مٺي بدران ھتي شريڪ ٿيا آھيون.شاعر ادل سومري چيو ته جيئن مائي ڀاڳيءَ ٿر جي درد جي صدا ھئي ۽ صادق فقير ان درد جو پڙاڏو ھو.اسان صادق فقير کي اياز چيئر پاران خيرپور يونيورسٽي ۾ ايوارڊ ڏنو ھو.صادق فقير ميريڊ جي بنياد تي شاعري ڳائيندو ھو. ڪنهن ايري گيري شاعر جي شاعري نه ڳائيندو هو. سينيئر صحافي ناز سھتو چيو ته صادق فقير جياڄ اٺين ورسي آهي.صادق فقير جو آواز سنڌ جي هوائن ۾  اٺ صدين تائين گونجندو رهندو.سجاول ۾ صادق فقير جي مڙھ جو استقبال عام ماڻهن ته ڪيو پر مولوين به ڪيو.سنڌي ادبي سنگت جي جنرل سيڪريٽري تاج جويو چيو ته صادق فقير اسان جي دلين ۾ سدا سائو آهي . صادق فقير جي مڙھ تي ڪراچيءَ کان مٺي تائين گل نڇاور ڪيا ويا ھئا. خليل ڪنڀار چيو ته شيخ اياز جي شاعريءَ کي صادق فقير رياض پچائي ڳايو ھو. صادق فقير شاعري کي پرکي پوءِ ڳائيندو هو. انعام  شيخ چيو ته صادق فقير جي آواز ۾ فطري سونهن ۽ ميٺاج ھئي. صادق فقير پنهنجي سيرينا آواز ۽گائيڪي سان سڄي سنڌ ۾ پنھنجا اڻ ڳڻيا دوست ٺاھيا.نور چاڪراڻي چيو ته صادق فقير سنڌ جي  جديد شاعري ڳائي ۽ نون نون شاعر جي شاعري به ڳائي. وير جي ڪولي چيو ته صادق فقير عام ماڻهن جو گائيڪ ھو. صادق فقير جي مٺي ۾ ھر وقت ماڻھن جو ميڙ لڳل ھوندو ھو. ڊاڪٽر دودي مھيري چيو ته سنڌ جي قومي تحريڪن  کي سنڌ جي فنڪارن اڳتي وڌايو. صادق فقير اسان جي سفر ۾ سدائين گڏ ھوندو. شاعر علي دوست عاجز چيو ته صادق فقير جڏهن ڳائيندو هو ته ٻڌندڙ تي سحر طاري ٿي ويندو هئي.صادق فقير جي تدفين واري ڏينهن ھولي جي رنگن ۾ اداسي ھئي.  ذوالفقار هاليپوٽي چيو ته موسيقي رابطي جو ذريعو آهي۽  صادق فقير گائيڪي جو سفير ھو.صادق فقير ڪڏهن به ڪنهن وزير پير جي چاپلوسي ڪري نه ڳايو ۽ نه وري ڪنهن وڏيري جي ڊپ نه ڳايو. ھن چيو ته موسيقي ماڻھو سان رابطي جو ذريعو آهي. صادق گائيڪي جو سفير ھو، شاعره رخسانه پريت، سڪليڌو راھمون، ممتاز بخاري ۽ ٻين ڳالھايو. ان موقعي تي محفل موسيقي ۾ رفيق فقير، برڪت فقير، نزادق فقير، راحت فقير، سيف سميجو، سرور سخيراڻي، صوفي نارائين فقير ۽ ٻين فنڪارن سر وکيريا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں