دادو: روهڙي، لاڙڪاڻي ،دادو ،ڪوٽڙي لائين تي 8 مهينن کان بند پيل ٽرينون بحال ڪرائڻ لاءِ احتجاج

دادو( رپورٽ: علي گوھر سومرو) سيتاروڊ جدوجهد جو 36هون ڏينهن روهڙي، لاڙڪاڻي ،دادو ،ڪوٽڙي لائين تي 8 مهينن کان بند پيل ٽرينون بحال ڪرائڻ لاءِ سيتا سرجڻهار فورم پاران مشهورميمڻ جي اڳواڻي ۾ 36 هين ڏينهن به سيتاروڊ رحماني نگر ريلوي اسٽيشن تي احتجاج ڪيو ويو جنهن ۾ مشهورميمڻ ،غلام سرور جانوري ,شهزاد ميمڻ ،فدا حسين ملڪ، امجد علي کوسو سميت شهري پڻ شريڪ  ٿيا. ان موقعي تي سيتاسرجڻهارفورم جي سرواڻ مشهورميمڻ ۽ ٻين ميڊيا ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ ۽ برسات کي 8 مهينا گذري چڪا آهن پر ريلوي انتظاميا ۽ ٽراسپورٽ مافيا جي ڳٺ جوڙ ڪري عوام کي ٽرين جي سستي ۽ محفوظ سفر کان محروم رکي ٽراسپورٽ مافيا هٿان ڪرائي جي مد ۾ ٻنهي هٿن سان ڦرلٽ جاري آهي هنن  وڌيڪ چيو ته پنجاب جو عوام ٽرينن ذريعي سستو ۽ محفوظ  سفر ڪري رهيو آهيم جڏهن ته سنڌ جي عوام کي ريل جي سهولت کان محروم رکيو ويو آهي جيستائين روهڙي لاڙڪاڻو دادو سيوهڻ ڄامشورو ڪوٽڙي لائين تي ٽرينون نه هلايون وينديون تيستائين روزانو احتجاج ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں