حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد ۾ ٻن ڏينهن وارو لٽريچر فيسٽيول پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، ادبي ميلي جي آخري ڏهاڙي تي مختلف ويهڪون ٿيون، جڏهن ناميارن راڳين فن جو مظاهرو پڻ ڪيو. ان موقعي تي فيسٽيول جي آخري ڏهاڙي تي “ٻوڏ کانپوءِ صورتحال” بابت ويهڪ ٿي، جنهن جو ماڊيٽر محسن ٻٻر هو، ويهڪ دوران پاڪستان جي نامياري معاشي ماهر، تحقيقدان ۽ ليکڪ ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو ته آئون ٻوڏ ماحوليات جو ماهر ناهيان. 2010ع واري ٻوڏ کي ڏٺو ان وقت حڪومت جو حصو رهيس 2010ع ۾ اسان محسوس ڪيو ته ماڻهن کي گهر ٺهرائي سگهون ٿا سامان ڏئي سگهون ٿا پر ختم ٿي ويل ڪجهه اهڙيون شين متاثرن کي ڪير به نٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته 2010ع کانپوءِ به تعميرات تي توجه نه ڏنو ويو تعميرات جي ڪوالٽي خراب آهي گورننس جا مسئلا آهن. هن چيو ته 2010ع واري ٻوڏ کانپوءِ اسان سوچيو ته ماڻهن کي ٻين هنڌن سٺا گهر ٺهرائي ڏيو نه پر ان وقت جي زميندار وزيرن اعتراض ڪيو ته اهي اسان جا هاري آهن ويندا هليا ته اسان جو ڇا ٿيندو ۽ ووٽر به انهن جا هئا. هن چيو ته وڏيرن جا وڏا فش فارم ۽ انهن جا ننڍا ننڍا ڊيم تباهي جو وڏو سبب آهن. هن دفعو زميندارن طئه ڪيو ته ڪٿان ڪٽ لڳندو ۽ ڪٿان نه لڳندوه ڪجهه زميندارن چيو ته 2 ڏينهن ترسو تلائن مان مڇي ڪڍي وٺان ته پوءِ ڪٽ هڻو. هن چيو ته سرداري ۽ زمينداري نظام جي خاتمي کانسواءِ سنڌ ترقي نه ڪري سگهندي طاقتور ماڻهو ڪنهن جي نٿا ٻڌن. هن چيو ته اسان طئه ڪري ڇڏيو آهي ڪنهن شي جي مٽيگيشن ناهي ڪرڻي آئي ايم ايف جي پئسن اچڻ کانپوءِ اسان وساري ڇڏينداسين ته ڇا ڪرڻو هو. هن چيو ته ماڻهن کي سرمائيدارنه وڏيرنه سردارن ۽ عوام دشمن حڪمرانن کان جان آجي ڪرائڻ جي لاءِ ماڻهو روڊن تي نڪرن ۽ گوڙ ڪن جيئن حڪمرانن کي مجبور ڪري سگهجي ۽ سماج اندر اٿندڙ آواز انهن جي ڪنن تائين پهچي سگهن. ڊپلوميٽ جميل احمد خان چيو ته ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجا وسيلا وڌائڻا پوندا. هن چيو ته هاڻوڪي ٻوڏ بابت اقوام متحدا جي سيڪريٽري جنرل پاڻ چيو ته هن قسم جي ٻوڏ زندگي ۾ ڪڏهن ناهي ڏٺي. هن چيو ته صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ پلان تي عمل ڪرڻ گهرجيه تعلقي سطح تائين ان تي عمل ڪيو وڃي، جيڪڏهن فنڊن جو مسئلو آهي ته جيترا به فنڊ موجود آهن اوترو ئي ڪم ڪيو وڃي. هن چيو ته ڊپلوميسي ۾ 9 کان 10 سال ڪم ڪيو آهيه پليجز جيترا به ٿيندا آهن ان مان 30 کان 40 سيڪڙو پئسا ملندا آهن. هن چيو ته عالمي ادارن کي اهو فڪر هوندو آهي ته اسان جيترو پئسو ڏيون ٿا ان مان اوترو ڪم ٿيڻ گهرجي. ڊرينيج نظام کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڊونر موجود آهنه پر ان تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪو تيار هجي ته ڪم ٿئي ته انهن ڊونرن تائين پهچي سگهجي. پروفيسر ڊاڪٽر الطاف سيال پرزنٽيشن ڏيندي ٻڌايو ته ٻوڏن ۽ ڏڪارن جي نوعيت مختلف آهي. سنڌ مختلف حصن ڪچوه ٿره اڇڙو ٿره جابلو علائقا ۽ شهري علائقاه بلوچستان کان ايندڙ پاڻي اچي منڇر تائين پهچي ٿو. هن چيو ته اسان جي قدرتي وهڪرن مان اڪثر وهڪرا قٻضو ٿي چڪا آهنه هن وقت تائين سنڌ ۾ 10 وڏيون ٻوڏون اچي چڪيون آهيه 2010ع واري ٻوڏ ۾ وڏو سبب زميندار بند هئاه ان کانسواءِ پاڻي ڪيڏانهن ڪڍڻو آهي اهو به زميندارن طئه ڪيو ان ڪري وڌيڪ تباهي آئي. زراعت ۽ پاڻي تي تحقيق ڪندڙ آبپاشي ماهر عمر ڪريم چيو ته اسان تاريخي طور تي ڊرنيج بيسن آهيون سڄي ملڪ مان پاڻي آخر ۾ اسان وٽ ئي ايندو، سڄي جي قدرتي وهڪرن جو هڪ نقشو ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ ڏٺو وڃي ٿو ته بلوچستان جي سمورن وهڪرن جو پاڻي اسان وٽ اچي ٿو. زمين جي ليول به جيڪا انگريز ڪرائي ويا اڄ به اها ئي آهي اڳ جيتري به برسات پوندي هئي ته پاڻي وهڪرن ۾ هليو ويندوه پر هاڻ اسان ڪا زمين ڇڏي ئي ناهي جتان پاڻي وڃي سگهيه جتي ڊرينيج جو نظام هوندو ئي نه ته پوءِ پاڻي ڪئين نڪري سگهندو. اسان ورهين کان ايل بي او ڊي ۾ ڦاٿا پيا آهيون. هن چيو ته اسان جي شهرن جي ڊرينيج اسڪيمن ۾ خرابيون آهن. سينيئر صحافي محمد حسين خان چيو ته اپريل ۽ مئي ۾ اسان چئي رهيا هئاسين ته پاڻي نٿو ملي اسان کي ۽ پاڻي چوري ٿي رهيو آهي ان کانپوءِ ايترو پاڻي اچي ويو جو سنڀالجي نه سگهيو. هن چيو ته ميڊيا ٻوڏ جي صورتحال کي سمجهي ناهي سگهندي ميڊيا کي به سمجهائڻ جي ضرورت آهي. ميڊيا جا دوست سوشل ميڊيا تي اکيون رکي ويٺا هوندا آهن. صحافين جي ڪا به تربيت نٿي ٿئيه صحافين جي تربيت جو سلسلو شروع ٿيڻ گهرجيه رپورٽر جي رپورٽنگ جاندار هجڻ گهرجي. هن چيو ته 2022ع ۾ ڪوٽڙي بئراج تان رڳو 6 لک پاڻي گذريو هو ۽ اهو پاڻي به ٻن مرحلن ۾ گذاريو ويو هو. هن چيو ته حڪومتي سطح تي ائين ٿئي ٿو ته جيستائين ڪو مسئلو نٿو ٿئي تيستائين ڪو ڪم به نٿو ٿئي. هن چيو ته آر بي او ڊي جي ڊزائين جي مسئلي کي 15 سالن تائين حل نه ڪري سگهي آهي. لياقت شيخ چيو ته اسان وٽ ڏڪار به آيا آهنه پر 2010ع کان وٺي برساتن جي تباهڪارين جو سلسلو شروع ٿيوه هي مسئلا رڳو اسان وٽ نه ٿيا آهنه سڄي دنيا ۾ ائين ٿئي ٿو پر اسان جي ڪوتاهين جي ڪري اسان جو نقصان وڌيڪ ٿئي ٿوه ادارا ۽ حڪومت درست ڪم نٿي ڪريه هتي انگ اکر گڏ ڪرڻ به مسئلو آهيه عالمي ادارا به انگن اکرن جي بنياد تي ڪم ڪن ٿاه حڪومت ۽ ادارن سان گڏ سول سوسائٽي کي به ڪم ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي شفقت وڌو، ذوالفقار هاليپوٽو، عزيز رانجهاڻي، نثار کوکر ۽ ٻين پڻ ڳالهايو.
