سوڀوديرو(ن س)سوڀوديرو ۾ گورمينٽ رٽائرڊ امپلائيز ايسوسيئيشن سنڌ جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ رٽائر ملازمن جو پرس ڪلب سوڀوديرو تي ٽن ڏينھن جي علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي جنھن ۾ سنڌ حڪومت کان مطالبن جي مڃڻ جي گهُرَ ڪئي. گورمينٽ رٽائرڊ امپلائيز ايسوسيئيشن سنڌ جي اڳواڻ تعلقي سوڀوديرو جي جنرل سيڪريٽري رٽارڊ ملازم علي ڏنو مڱڻيجو نظر حسين منگي ايوب پيرزادو فتح محمد گلال عبدالغني سولنگي ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي چيو تہ سنڌ حڪومت رٽارڊ ملازمن کي گروپ انشورنس نہ ٿي ڏئي جيڪو فنڊ اسان جي ذاتي پگهار مان ڪٽيو وڃي ٿو جيڪا رقم رٽائرڊ ملازمن کي جلد جاري ڪئي وڃي. هنن چيو تہ بينئيوئل فنڊ جي رقم ڪٽي وڃي ٿي پر اها اسان کي وقت تي نہ ٿو ملي سگهي ان جي پاليسي آسان بڻائي وڃي جيئن جلد وقت سر ملي سگهي. هنن جو اهو بہ چوڻ هيو تہ وزير اعظم پاڪستان رٽارڊ ملازمن جي پينشن ۾ ڏھ سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو هيو جڏھن تہ ملڪ جي ٽن صوبن جي رٽائرڊ ملازمن کي ڏھ سيڪڙو واڌ واري رقم ملي رهي آھي پر سنڌ حڪومت هن وقت تائين رٽائرڊ ملازمن کي ڏھ سيڪڙو وڌايل رقم ناهي ڏني. هنن وڌيڪ گهُرَ ڪندي چيو تہ صحت ڪارڊ ٻين صوبن جي رٽارڊ ملازمن کي ڏنو ويو آھي سنڌ جي صوبي جي رٽائرڊ ملازمن کي بہ صحت ڪارڊ جاري ڪيو وڃي. هنن وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهہ کان مطالبو ڪندي چيو تہ سنڌ حڪومت رٽائرڊ ملازمن کي هر دور ۾ نظرانداز ڪيو آھي هنن چيو تہ سنڌ حڪومت رٽارڊ ملازمن سان انصاف ڪري جيڪي سھولتون ٻين صوبن جي رٽائرڊ ملازمن کي ملي رهيون آھن اهي سھولتون سنڌ صوبي جي رٽارڊ ملازمن کي ڏنيون وڃن اسان جا جائز مطالبا مڃيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج دائرو وسيع ڪيو ويندو.
