لاڙڪاڻي ۾ ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ بند ڪريو جي عنوان سان سيمينار

لاڙڪاڻو(رپورٽ اڪبر آزاد ھيسباڻي) ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ بند ڪريو” جي عنوان سان عوامي تحريڪ طرفان لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو جنهن ۾ مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري  نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر، ٻارڙن جو ماھر ڊاڪٽر سنڌ سائنٽفڪ سوسائٽي جي باني ڊاڪٽر سڪندر مغل، پريس ڪلب لاڙڪاڻو جو صدر ظفر ابڙو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ماهه نور ملاح، سول سوسائٽي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار راھوجو، سينئر صحافي جاويد شاهه، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري اسماعيل خاصخيلي، ڊاڪٽر سعيد ميمڻ، مھراڻ ٽيچرس ايسوسيئشن مرڪزي اڳواڻ دولھ دريا خان جتوئي، عوامي تحريڪ اڳواڻ قادر ڀٽو، عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر علي حسن وڪو، تعلقه بار ايسوسئيشن ميھڙ جي صدر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمٰن مھيسر، عوامي تحريڪ ضلعي قمبر شھدادڪوٽ  جي صدر عرفان منان چانڊيو، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر غلام مصطفيٰ چانڊيو، ايس ايس ٽي اڳواڻ علي رضا جلباڻي، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر اعتزاز گانئينچو، ايڊووڪيٽ غلام رسول پٺاڻ، زاھد منگي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي اڳواڻن سوال اٿاريو ته ٻوڏ سبب اڃا به ڪيترن ئي ڳوٺن جا شهرن سان رابطا ڪٽيل آهن، انهن ڳوٺن جي ماڻهن جي ڳڻپ ڪيئن ٿيندي؟ ٻوڏ سبب سنڌ، بلوچستان ۽ سرائيڪي وسيب تباهه ٿي ويو آهي، گهر ڊهڻ سبب ڪروڙين ماڻهو بي گهر آهن، پوءِ ڪهڙن گهرن جي گهر شماري ٿيندي؟ سيمينار کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته وقت کان اڳ ڪرايل ڊجيٽل آمشماري جي ڪا به قانوني حيثيت ڪونھي، ڊجيٽل آدمشماري ذريعي آمريڪي سامراج سنڌ ۾ نئون اسرائيل ٺاهي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي ٿيندڙ وقت کان اڳ سازشي ڊجيٽل آدمشماري سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي. هن چيو ته ملڪ جي حڪمرانن سامراجي قوتن کي فائدو پهچائڻ لاءِ سازشي آدمشماري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي حڪومت اليڪشن ڪرائڻ جي آئيني ذميواري کان ڀڄي غير آئيني ڊجيٽل آدمشماري تي عوام جا پئسا ضايع ڪري رهي آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ حڪم ڏئي چڪي آهي. تنهن هوندي به ڊجيٽل آدمشماري ذريعي پرڏيهين کي سنڌ جو شهري ڳڻي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر چيو ته آئين ۽ قانون موجب آدمشماري هر ڏهين سال ٿيڻي آهي. موجوده آمشماري 2027ع ۾ ٿيڻي آهي پر دهشتگردن جي فرمائش تي وقت کان اڳ ڪئي پئي وڃي. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي چيو ته موجوده ڊجيٽل آدمشماري ملڪ دشمن قوتن کي فائدو ڏيڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي. ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ بند ڪريو. سيمينار ۾ متفقه طور قراردادون منظور ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته آدمشماري آئين ۽ قانون مطابق ڄاڻايل  وقت تي ٿيڻ گهرجي، وقت کان اڳ ٿيندڙ غيرآئيني ۽ غيرقانوني ڊجيٽل مردم شماري جو عمل بند ڪيو وڃي، آدمشماري لاءِ مختص 35 ارب روپيا سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ خرچ ڪيا وڃن، پيپلز پارٽي غيرقانوني ڊجيٽل آدم شماري کي رد ڪرڻ لاءِ قومي ۽ سنڌ اسيمبلين ۾ ٺهراءُ پاس ڪري، سپريم ڪورٽ جي ڪراچي بدامني ڪيس ۾ ڏنل فيصلي تي عمل ڪندي سنڌ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ سمورن پرڏيهين کي ملڪ نيڪالي ڏئي کين واپس پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي، سنڌ ۾ پرڏيهين جي ملڪيتن جي خريد ۽ فروخت تي پابند لاڳو ڪئي وڃي، سمورن پرڏيهين جا شناختي ڪارڊ ۽ جعلي ڊوميسائل رد ڪيا وڃن ۽ جعلي شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائل ٺاهڻ جي ڏوهه ۾ ملوث سمورن آفيسرن کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن، بحريه ٽائون، ذولفقارآباد ۽ ٻين اسڪيمن ذريعي سنڌي ماڻهن کي سندن زمينن  تان بي دخل ڪرڻ بند ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت پاران ڪشميرين لاءِ قائم ڪيل وزارت ختم ڪئي وڃي، خالي پيل سرڪاري زمينون ۽ پلاٽ سنڌ جي بي زمين ۽ بي گهر هارين ۽ مزدورن کي مفت ۾ الاٽ ڪيا وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں