ملير(ڊ.ر) ملير جي علائقي گهگهر ڦاٽڪ سميت پوري سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سنڌ جاڳي پئي فورم جي اڳواڻي مرڪزي صدر سارنگ جويو، وي ايم پي مرڪزي اڳواڻ سهڻي جويو،زاهد کوسو، جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري ، سنڌ سڀيتا صدر انعام سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عرفان زهراڻي جي والده بشيرا انصاف دايو جي ڀيڻ اقصيٰ دايو، غفار مرڪنڊ جي ڀاءَ جي اڳواڻي ۾ آزادي مارچ ڪيو ويو، آزادي مارچ ملير پريس ڪلب پهچڻ تي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي بيگناهه قومپرست قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو بند نه ٿيو آهي ۽ ڪيترائي قومي ڪارڪنن هن مهل تائين ڪيترائي سال گذرڻ باوجود گم ڪيا ويا آهن جن جو ڪوبه ڏس پتو نه آهي اگر سندن مٿان ڪو ڪيس آهي ملڪ جي عدالتن جي اندر پيش ڪيو وڃي ته جيئن سندن وارث آزادي لاءِ سندن ڪيس وڙهي سگهن، هنن چيو ته هتي انڌير نگري چرٻٽ راجا واري حڪمراني آهي ڌرتي ڌڻين کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو ۽ افغانين برمين بنگالين دهشتگردن سان وري ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۾ ملوث برمي بنگالي ۽ افغانين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ڌرتي ڌڻين کي بنا ڪنهن ڏوهه جي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو جتي ملڪ جو عدالتون پڻ بيوس بڻيل آهن هنن چيو ته اسان مطالبو ڪيون ٿا ته بيگناهه کنڀي گم ڪيل قومي ڪارنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، سنڌ جون نياڻيون پنهجن ورن، ڀائرن ۽ پنهنجي وارثن جي آزادي لاءِ پيادل مارچ ڪري رهيون آهن مگر اقتدار جي نشي ۾ ڌت ٿيل ڪارڪنن انڌا ٿي ويا آهن کين سنڌ جي نياڻين جو دانهون نظر نه ٿيون اچن، اڳواڻن چيو ته قومپرست ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي هنن سپريم ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ، آرمي چيف، آءِ جي سنڌ ۽ لاڳاپيل ادارن کان اپيل ڪئي ته قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جدوجهد جاري رهندي.
