ڪڍڻ صحت مرڪز ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ خلاف رهواسين جو احتجاج

ڪڍڻ (ن س) ڪڍڻ صحت مرڪز ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ ليڊي ڊاڪٽر صنم خواجه جي جبري بدلي خلاف ڪڍڻ جي شهري واپاري اتحاد.،خواجه اثنا عشري جماعت، جي ڊي اي، پي ٽي آئي پاران ڪڍڻ پريس ڪلب ۾ پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪرڻ بعد پريس ڪلب ڪڍڻ آڏوسخت احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي. ان موقعي تي خواجه جماعت جي صدردلاور حسين خواجه، انور حسين، فضل حسين خواجه، شهري واپري اتحاد جي اڳواڻ برڪت علي ميمڻ، جي ڊي اي جي چونڊيل نمائندن محمد جمن واهرو، مير لطيف بجير، پي ٽي آئي اڳواڻ الله بخش بجير ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو  ته ڪڍڻ صحت مرڪز اڳ ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب ڪڍڻ شهر سميت ڀرپاسي جا هزارين رهواسي صحت جي سهولتن کان وانجهيل آهن مٿان تازو هتان جي مقامي رهواسڻ ليڊي ڊاڪٽر صنم خواجه جيڪا پابندي سان ڊيوٽي ڪري رهي هئي ۽ ڪڍڻ سميت سڄي ساحلي پٽي جي هزارن جي تعداد ۾ عوام کي رليف فراهم ڪيو پئي ويو. ان کي بنا سبب جي جبري طور ڪڍڻ کان پنگريو بدلي ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته اهڙي عمل جي سختي سان مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب اسپتال ڪمپائونڊرن جي رحم ڪرم تي آهي. هنن صحت کاتي جي وزير، سيڪريٽري، چونڊيل نمائندن کان پر زور مطالبو ڪيون ٿا ته بنا دير جي بدلي ڪيل ڊاڪٽرياڻي کي واپس ڪڍڻ آر ايڇ سي سي مقرر ڪري عوام ۾ پکڙيل بي چيني کي ختم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں