گهوٽڪي(رپورٽ: ذوهيب اياز دايو) عورتن جو عالمي ڏينهن اٺين مارچ تي گهوٽڪي ۾ ملهائڻ جي لاءِ تياريون عروج تي آهن،انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ سهائي آرگنائيزيشن جي چيئر پرسن ڊاڪٽر عائشہ ڌاريجو گذريل ڏينهن سرحد پريس ڪلب، گڻگي ۾ مولي ڏني ميربحر جي سنڌ هائوس، ڏهرڪي ۽ اٻاوڙو پريس ڪلب ۾ صحافين ۽ عورتن جي اجلاسن کي خطاب ڪيو، انهي موقعي تي جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جا اڳواڻ رئوف پارس دايو، الهورايو بوزدار، سارنگ ڪلادي،راحيلا شر ۽ ٻيا موجود هئا،ڊاڪٽر عائشہ چيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ گهوٽڪي ضلعي ۾ عورتن سان وڏيون زيادتيون ٿي رهيون آهن، جاگيرداري ضلعي هجڻ جي ڪري عورتن کي ڪو انصاف ڏيڻ وارو ادارو بہ ڪونهي، ڪارو ڪاري جا مامرا ظاهر ڪرڻ بدران ۽ مجرمن کي سزائون ڏيڻ بدران انهن کي لڪايو وڃي ٿو، هن چيو تہ عورتن جي حقن جي لاءِ هاڻي جدوجهد وڏن شهرن جي بدران انهن علائقن ۾ اها جنگ ۽ جدوجهد ڪرڻ گهرجي، جنهن علائقي ۾ اهي مسئلا پيش اچي رهيا آهن، هن چيو تہ اڳ ۾ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ اٺين مارچ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو هو، پر هاڻي اسان گهوٽڪي جهڙي قبائلي علائقي ۾ اهو پروگرام ڪري نئين روايت جو بنياد رکي رهيا آهيون، هن چيو تہ اٺين مارچ جو ڏينهن سنڌ جي عورت جي آزادي جي لاءِ نوان بنياد رکندو،ٻئي طرف سول سوسائٽي گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو ،ڏهرڪي ۽ اٻاوڙو انهيءَ مارچ کي ڪامياب ڪرڻ جي لاءِ سرگرم ٿي چڪي آهي، انهيءَ حوالي سان عوامي ورڪرز پارٽي گهوٽڪي ضلعي جو اجلاس ضلعي صدر ڪامريڊ بادل ملڪ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ اٺين مارچ جي پروگرام ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي.
