گهوٽڪي ۾ پ پ اڳواڻ جي قتل خلاف ڪارڪنن جو احتجاجي مظاهرو

گهوٽڪي (ڊ ر) ميرپور ماٿيلو جي پ پ پ اڳواڻ غلام نبي وسير کي ڪجھ ڏينهن اڳ قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف گهوٽڪي ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن پ پ پ ڊپٽي اطلاعات سيڪريٽري عبدالمجيد لاکو،ميان رشيد،امتياز شاهه،صدام ملڪ،رياض ميراڻي،عبدالغني لاکو،عاطف شاهه،احمد ڇڄڻ،پرويز احمد سومرو،عابد حسين ميراڻي،استاد سعيد صديقي،آغا اخلاق،نديم اختر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قاتلن جي گرفتاري لاءِ سرڪٽ هائوس کان مين چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميرپورماٿيلو جي مقامي اڳواڻ کي قتل واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي. جنهن مقتول جا هن وقت تائين قاتل پوليس گرفتار ڪري ناهي سگهي، اسين اعلي اختيارين کان ۽ ايس  ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسانجي ڪارڪن جا قاتل گرفتار ڪري انهن کي سزا ڏيئي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي نه ته اسين ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين هن مهل تائين ايس ايس پي گهوٽڪي گرفتاري جي عمل ۾ ڪو به تحرڪ ناهي ورتو ،جيڪڏهن گرفتاري عمل ۾ نه آئي ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں