اڏيرولال(ن س) رورل هيلٿ سينٽر اڏيرولال اسٽيشن ۾ صحت جي سهولتن ۽ دوائن جي شديد خلاف سنڌ سوشل ورڪرز فورم جي چيئرمين ايڊووڪيٽ غلام سرور خشڪ، مرڪزي صدر محمد سيال، شفقت عباس جسڪاڻي، امجد پنهور، منور تيوڻو، غمشاد علي خشڪ ۽ رمضان علي خشڪ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڏيرولال آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رورل هيلٿ سينٽر اڏيرولال اسٽيشن کي ايم ايس غلام قادر ڏاهري تباه ڪري ڇڏيو آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته هن وقت اسپتال آخري پساهن ۾ آهي، ڇهن يونين ڪائونسلن کي علاج معالجي جون سهولتون مهيا ڪندڙ اسپتال ۾ دوائن ۽ عملي جي شديد کوٽ آهي، جنهن ڪري پري پري کان ايندڙ غريب مريضن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هنن چيو ته دوائن ۽ عملي جي کوٽ بابت ڪافي ڀيرا دانهيو آهي پر ضلعي انتظاميا توڙي سنڌ حڪومت ۽ ايم ايس اڏيرولال اسٽيشن تي ڪوبه فرق نٿو پوي ۽ اسپتال لاءِ ايندڙ ڪروڙين رپيا بجيٽ ڪرپشن جي نظر ٿي رهي آهي. هنن چيو ته تعلقي مٽياري جي وڏي ۾ وڏي اسپتال هن وقت زبون حال بڻجي وئي آهي، اسپتال جا قيمتي ڪوارٽر، چارديواري زبون بڻجي ويا آهن، پر مجال آهي اسپتال جي ايم ايس کي جيڪو اسپتال جي مرمت ڪرائڻ بجاءِ ايندڙ بجيٽ ڪوڙن بلن ذريعي هڙپ ڪري رهيو آهي. هنن وڌيڪ ٻڌايو رورل هيلٿ سينٽر ۾ سمورا شعبا موجود آهن، جيڪي ڄاڻايل اسپتال جي نااهلي سبب غيرفعال بڻجي ويا آهن. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ ايم ايس کي هٽائي اسپتال کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.
