اڏيرو لال پوليس هٿان رڪشا ڦر ڪندڙ گروهه جا 3 ڄڻا گرفتار

اڏيرولال(ن س) اڏيرولال اسٽيشن ۽ وليج پوليس ٻن مختلف ڪاررواين ۾ رڪشا ڦر ڪندڙ گروهه جي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ شير محمد ٺوڙها اسٽاف وٽان سي اين جي رڪشا ڊرائيور علي شير لوهر کي نشو ڏئي رڪشا ڦر ڪندڙ گروهه جي مک ڪردار محمد انور راجپوت، مسمات سونيا ۽ مسمات نجمه کي پوليس کورکاڻي شاخ وٽان چيڪنگ دوران گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل گروهه ڪرائي تي رڪشا حاصل ڪري رڪشا ڊرائيورن کي نشو ڏئي رڪشا ڦر ڪندا هئا ۽ ڳجهي اطلاع تي گروهه جي ٽن ماڻهن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں