ساهيوال (م ڊ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز هڪ ڀيرو ٻيهر ماضي ۾ ڪيل عدالتي فيصلن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته چونڊن کان اڳ تارازيءَ جا ٻئي پاسا برابر ڪيا وڃن. ساهيوال ۾ ن ليگ جي ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اڳ ۾ بي ڏوهه نواز شريف سان ٿيل زيادتين جو ازالو ڪيو وڃي، اڳ ۾ سسيلين مافيا ۽ گاڊ فادر جا الزام واپس وٺڻا پوندا، پوءِ چونڊون ٿينديون. سندس موجب نواز شريف کي گاڊ فادر چيو ويو، پٽ کان پگهار وٺڻ تي ڪڍيو ويو، آهي ڪوئي جيڪو منهنجي ملڪ ۾ انصاف ڪري؟ عمران خان تي تنقيد ڪندي هن چيو ته اڳ ۾ گهڙي چور انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهندو پوءِ چونڊون ٿينديون، اولاد لڪائڻ جهڙو ڪوڙ پاڪستان جي ڪنهن وزيراعظم قوم سان نه ڳالهايو، نواز شريف جي ڌيءَ ته توهان جي سامهون آهي، عمران خان جي ڌيءَ ڪٿي آهي؟ مريم نواز وڌيڪ چيو ته عمران خان کي اڄ به جنرل رٽائرڊ فيض حميد جي باقيات بچائي رهي آهي، بابا رحمت اڄ به عدليا ۾ پنهنجي لڳايل ججن کان ڪم وٺي رهيو آهي، چونڊون ٿا گهرو ته اسيمبليون ٽوڙيو ڇو ٿا؟
