لڪشا ڪمليش جگرو
ڪڏهن انڌيري رات ۾ خالي آسمان جي ھيٺ ويھي، چنڊ کي ڏسي، سوچيو تڏھن زندگي ۽ چنڊ ٻئي خوبصورت لگن ٿا. وقت ھن ڳالھ جي گواھي ته ڏي ٿو ته چنڊ خوبصورت آھي، پر زندگي؟. ڪنهن سڪون واري جاء تي ويھي سوچون زندگي ڇا آھي؟ زندگي ڪنهن کي چون ٿا؟ ڪڏھن ساحل جي ڪناري تي ويھي ھٿ ۾ پاڻي کڻي، جڏھن اھو پاڻي چند لمحن ۾ توھان جي ھٿ مان گذري وڃي، تڏھن ٻيھر سوچيو زندگي ڇا آھي؟ ڪنهن اوچي عمارت جي دري ۾ ويهي ھيٺ ھي چمڪندڙ بتين کي ڏسون ته وري سوچون آخر زندگي ڇا آھي؟ زندگي صحيح معني ۾ سوچون ته ڏاڍي سولي آھي، پر گزاريون ته ڏاڍي مشڪل آ، زندگي ھڪ عجب وحم آھي. ڪڏھن ماکيء جيئان مٺيء آھي، ته ڪڏھن نيم جيئان کاري لڳي ٿي، زندگي کي سمجھڻ لاء ھڪ نئي زندگي گھرجي، زندگي ڪائنات جي آن ڄاڻايل باب آھي. ڪڏھن لڳي ٿو ته مختصر ماڻھن جا ڪردار اسان جي زندگي ۾ گھڻي اھميت رکن ٿا، پر ڪڏھن لڳي ٿو ته زندگي اڪيلي گذارڻ ۾ بھتري آھي. مختصر جيڪڏھن ڳالھ ڪيون ته زندگي سمجھ کان ٻاھر آھي، ھن زندگي ۾ اسان جو محصوص ڪردار آھي، ڪڏھن لڳي ٿو ته اھا ھڪ مورت آھي، ھاڻ وري سوال اھو اڀري ٿو ته جيڪڏھن مورت آھي ته اھا غلطيون ڇو ٿي ڪري؟ ۽ جيڪڏھن ھو پاڻ غلطيون ڪري ٿو ته ٻين کي معاف ڪرڻ جي سگھ ڇو ٿو رکي.جيئن حالات مٽجن ٿا ته اھو جفا جو پتلو پنھنجا اصول به مٽائي ٿو. زندگي جي ھڪ سوال مان وري ٻيون,وري انھي مان ٽيون سوال جنم وٺي ٿو. زندگي ڪشمش آھي زندگي اڻ ڄاڻايل سفر ۽ راحت آھي, زندگي فلسفو آھي, زندگي جستجو آھي, زندگي آرزو آھي, زندگي هڪ جنم کان ٻئي جنم تائين سکڻ جو سفر آھي, هن سفر ۾ ڪيترائي ماڻھو روز گردش ۾ ايندا آھن, ۽ ڪيڏو ڪجھ سيکاريندا آھن. زندگي هڪ سفر نامو آھي سکڻ جو, غلطين جو, ماڻھن سان رشتا نڀائڻ جو هر ڏينھن نوا رشتا قائم ڪرڻ جو, غلطين کي معاف ڪرڻ جو سڀني سان مٺي ٻولي ڳالھائيڻ انھن جي دل ۾ جاء ٺاھڻ جو هڪ ٻئي کي عزت احترام ڏيڻ جو انسانيت جا ناتا جوڙڻ جو ورر مختصر سوچون ته زندگي ڇا آھي.
