ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي پريس ڪلب اظهار جي آزادي جي تحفظ لاءِ قابل قدر خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ملڪ ۾ قانون ۽ آئين جي بالادستي لاءِ صحافين جون قربانيون تمام گهڻيون آهن. سنڌ حڪومت صحافين جي خدمتن جو ڀرپور اعتراف ڪندي صحافين جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات واري سيڪريٽري نديم ميمڻ سومر ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري اطلاعات سنڌ کي ڪراچي پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن ۽ پريس ڪلب جي ميمبرن پاران ڀليڪار ڪيو ويو. اطلاعات وارو سيڪريٽري پريس ڪلب ۾ موجود صحافين وٽ ويو ۽ انهن کان حال احوال دريافت ڪيو. ان موقعي تي پريس ڪلب جي ڪابينا جي ميمبرن ۽ گورننگ باڊي ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن سان ڳالهائيندي اطلاعات واري سيڪريٽري نديم ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن جي رهائشي منصوبن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جي جمهوري، صحافتي ۽ انساني حقن جي جدوجهد جي تاريخ ڪراچي پريس ڪلب کي ملڪ ۾ منفرد مقام ڏياريو آهي. هن چيو ته اطلاعات کاتو صحافين ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اطلاعات کاتي جي ڪوشش آهي ته صحافين لاءِ طبي مالي مدد، رهائشي پلاٽ ۽ ڪلب جي مسئلن جي حوالي سان هر ممڪن سهڪار ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي سان گڏ جوائنٽ سيڪريٽري اسلم خان، گورننگ باڊي ميمبر فاروق سميع، ذوالفقار راڄپر، شمس ڪيريو، ذوالفقار واهوچو ۽ ڪراچي پريس ڪلب جا ميمبر نصرﷲ جمالي، رفيق ڀٽو ۽ ٻيا صحافي شامل ھئا. جڏهن تہ سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم ميمڻ سان گڏ سنڌ جي اطلاعات کاتي جو ڊائريڪٽر ايڊمن محمد يوسف ڪابورو ۽ ڊائريڪٽر پريس انفارميشن حسن اصغر نقوي پڻ گڏ ھئا آيل مھمانن سنڌ جي شان اجرڪ جا تحفا پيش اوڍايا ويا گڏجاڻي کانپوءِ سيڪريٽري نديم ميمڻ ڪراچي پريس ڪلب جي پھرين ڊجيٽل اسٽوڊيو، ڪمپيوٽر ليب، لائبريري سميت مختلف شعبن جو دورو پڻ ڪيو.
