سنڌ ۾ آباد لکين ڌارين کي ملڪ نيڪالي ڏئي پوءِ آدمشماري ڪرايو:عوامي تحريڪ

نوشهروفيروز(ڊ ر)عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ ٻين اڳواڻن نوشھرو فيروز پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ بند ڪريو” جي عنوان سان اڄ (28 فيبروري تي) حيدرآباد پريس ڪلب ۾ سيمينار ڪيو ويندو، جنھن ۾ عوامي تحريڪ جا مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽو، عوامي ورڪرس پارٽي جو وفاقي سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلھو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري، سنڌي ھاري تحريڪ جو مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، سنڌي شاگرد تحريڪ جو مرڪزي صدر عاطف ملاح، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ، سنڌي مزدور تحريڪ جو مرڪزي صدر حاجي خان سمون، نعمت کهڙو، جامي چانڊيو، مسرور شاهه، ايڊووڪيٽ يوسف لغاري، پروفيسر مشتاق ميراڻي، انعام ڀٽي، اسحاق مڱريو، راشد ٽالپر، شازيه نظاماڻي، نور محمد بجير، فاروق سومرو، شبير نظاماڻي ، نياز پنهور، اقبال ملاح، مهيش ڪمار، دستگير ڀٽي، ايڊووڪيٽ غلام الله چانگ، اختر حفيظ ، حفيظ ڪنڀر، منير چانڊيو، قاسم سوڍر، نويد سنڌيلو، مبارڪ لاشاري، فهيم نوناري، امداد چانڊيو، مجيد چانڊيو، نصير ميمڻ، مير حسن آريسر، ادريس لغاري، ناز سهتو، رئوف چانڊيو، سليمان جي ابڙو، ذوالفقار هاليپوٽو، ذوالفقار قادري، انور سولنگي، رزاق عمراڻي، خدا ڏنو شاهه، يعقوب خاصخيلي، مسعود نوراني ايڊوڪيٽ، غفار ناريجو، قاسم ناريجو، اياز عمراڻي، خادم مڱڻهار، سحر امداد، سليم جمالي، الله بچايو جمالي، نسرين شيخ ، زاهده ابڙو، ۽ ٻيا اڳواڻ شرڪت ڪندا.اسان هن سازشي ڊجيٽل آدمشماري کي مڪمل طور رد ڪيون ٿا ۽ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌ ۾ غيرقانوني طور آباد لکين ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏئي آدمشماري 2027 ۾ مقرر وقت تي ڊيجيوري طريقيڪار تحت صاف ۽ شفاف آدمشماري ڪرائي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں