لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جي گرفتاريءَ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ تعلقي باقراڻي جي ڳوٺ پنجو ديرو جي رهواسين پوليس هٿان مبينا گرفتار نوجوان جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن پورهيت سڪندر علي شيخ پنهنجي گھرواري رحمت خاتون، ننهن سائرہ خاتون شيخ ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل سومر واري رات 2 وڳي باقراڻي، آريجا سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس گهر تي چڙهائي ڪري چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي نوجوان پٽ اسد علي شيخ کي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو جنهن جو هن وقت تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن چيو ته سال اڳ به پوليس پٽ کي بيگناهه گرفتار ڪري سندس مٿان گمبٽ ٿاڻي تي ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ منشيات جا ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري کيس لاڙڪاڻو سينٽرل جيل منتقل ڪري ڇڏيو ۽ اهڙو ڪيس پڻ لاڳاپيل عدالت ۾ هلندڙ آهي جڏهن ته پٽ ان ڪيس ۾ ضمانت تي هئڻ جي ڪري ٻڌڻين تي ويندو رهندو آهي. هن چيو ته منهنجي پٽ کي 6 ٻارن جي اولاد آهي، جيڪي ٻارڙا پنهنجي پيءُ کي ياد ڪري زارو قطار روئي رهيا آهن ۽ سڄي گهر ۾ ڪهرام متل آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پٽ کي آزاد ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں