نوابشاهه(ڊ ر) ايس ٽي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي نوابشاھ ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ نثار ڪيريو جي رهائشگاھ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هڪ ڌڙو ان خوش فهمي ۾ آهي ته ملڪ ٽنٽندو ته اسان پروٽوڪول ۾ هلنداسين ٻيو ڌڙو ان خوش فهمي ۾ آهي ته ملڪ ٽٽو ته اسان جي ابن ڏاڏن جون تصويرون سڪن تي لڳنديون پر ائين صورتحال آهي ڪونه، ملڪ هن وقت معاشي سخت بحران ۾ آهي، ملڪ ٻيا ماڻهو نه ٽوڙيندا پر جن ملڪ جوڙيو آهي اهي ۽ ٽوڙي سگهن ٿا جن بنگلاديش کي الڳ ڪيو، ملڪ کي نقصان جاگيردارن پهچايو آهي جاگيردار يحيا جو هجي، ايوب جو هجي، ضيا جو هجي، مشرف جو هجي يا عمران جو جاگيردار هجي انهن ملڪ کي نقصان پهچايو آهي سنڌ جا ڪجهه چالاڪ ماڻهو زرداري جي ڪرپشن وارن پيسن مان حصو وٺي چپ هجن ۽ سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو دربدر هجن بک مرن نياڻيون روڊن تي پنن ائين ڪرڻ ڪونه ڏبو بلڪ سنجيده ماڻهن سان مارچ ۾ ويهي سنڌ جي بقا جوڙيندا سين 15 سال کان قابض زرداري ليگ سنڌ جي غريب مسڪين کي پيڙهي ڇڏيو آهي ۽ اهڙي ظلم خلاف اسان کي للڪار بڻجڻو آهي اسان هڪ سياسي پارٽي للڪار آهيون پر هڪ قوم گڏ ٿي اهڙن سنڌ لٽيرن جو مقابلو ڪنداسين اسان چاهيون ٿا ته پليجي نظير عباسي جهڙن پارٽين مان باشعور نوجوان ۽ ڪارڪنن کي گڏ ڪري نئون اتحاد جوڙبو جيڪڏهن ٻاهرين ملڪن مان ڌڪاريل ماڻهو سنڌ ۾ ايندا ته سنڌي ماڻهن جي وجود کي خطرو آهي آدم شماري سنڌ سان وڏو دوکو آهي زرداري کي پنهجي پٽ کي وزير اعظم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي قرباني ڏئي رهيو آهي ۽ سنڌ ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻو آهي پ پ پ کي ايم ڪيو ايم جي آدمشماري وڌائي 3 ڪروڙ کان مٿي ڪرڻي آهي ۽ اسان هن آدم شماري کي رد ڪيون ٿا پر سنڌي ماڻهو احتجاجن طور پاڻ کي ڳڻپ ضرور ڪرائين.
