ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هڙتال

حيدرآباد(نمائندن وٽان) ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هڙتال ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ نواب شاهه شھر جا ڪاروباري علائقا گول چڪرو، موبائل مارڪيٽ، ڪپڙا مارڪيٽ، سبزي مارڪيٽ، منوآباد، ايسرپورہ، قاضي احمد روڊ، مھراڻ ڪالوني، دولت ڪالوني، عظيم ڪالوني سميت ڪيترا ئي علائقا مڪمل طور تي بند رهيا. مشتاق احمد جٽ، نعيم عطاري، اڪبر چشتي، احسن علي خاصخيلي، مولانا عارف، اشفاق رضوي، شاھد آرائين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو. نواب ولي محمد ۾ شٽربند هڙتال رهي. دلدار احمد رضوي، علي اڪبر اوٺو ،غلام رسول چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ به شٽرڊائون هڙتال ڪئي وئي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا ڪيترائي مڇريل ڪارڪن هٿن ۾ ڏنڊا کڻي روڊن تي نڪري آيا جن مهانگائي خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. باڊھ ۾ تحريڪ لبيڪ جي سڏ تي جزوي هڙتال رهي. علي محمد جماراني، ڊاڪٽر زبير احمد مشهوري، اصغر علي سومرو، مھتاب احمد راڄپر ، سرفراز ٻلھڙو، محمد عرس بروهي، شعيب احمد ڪاندھڙو، رضا حسيني جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو. قمبر ۾ ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال ڪئي وئي. پير محمد علي جان مجددي، حافظ نديم علي خاصخيلي، غلام رسول ڪنڀر، حافظ عبدالمنان ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو.ٺاروشاھ، درٻيلو، مڃٺ، ڀورٽي، دلي پوٽا ،مولهڻ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروبار مڪمل بند رهيو. حافظ سردار احمد ڀان، جنيد سومرو، قاري نثار احمد ڀان ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو. سکر ۾ جزوي هڙتال رهي، لوڪل ٽرانسپورٽ معمول جيان هلندي رهي۔ مولانا محمدعبدالولي، مولانا عرض محمد ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو. دادو شهر سميت آس پاس جي علائقن ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز ريشم گلي، اسٽيشن روڊ،نيو چونڪ،ڇاڻو شاھ آباد،مکي گهٽي، ڌمالي چونڪ، غريب آباد، شاهاڻي محلا سميت سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا. غلام مصطفيٰ لاشاري، محمد ابراهيم، راشد حسين سميت ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو. جيڪب آباد ۾ به شٽر ڊائون ھڙتال ڪئي وئي، مين مارڪيٽ، صرافہ بازار، ليڊيز مارڪيٽ، ڪپڙي مارڪيٽ، شاھي بازار، ڀٽائي بازار، سميت ننڊا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رھيا. حاجي وسيم نثار رضوي، حاجي سلمان رضوي، ضلعي امير دلاور حسين رضوي، پي ايس جي امير جان محمد رضوي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ميھڙ ۾ جزوي هڙتال رهي، جواد احمد چانڊيو حافظ مختيار حسيني مشيع الرحمان، احسان علي شيخ محمد سلطان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.. احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ منھگائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، ھنن چيو ته اڄ قائد تحريڪ لبيڪ پاڪستان سعيد احمد رضوي جي حڪم تي پوري ملڪ ۾ شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته تاجر برادري به اسان سان مڪمل سهڪار ڪيو آھي، ھنن چيو اسيمبلين ۾ ويٺل ڪامورن جون شاھي خرچون گھٽ ڪرڻ بدران غريب سرڪاري ملازمن جي پگھارون مان ڪٽوتي ڪري ناانصافي ڪئي پئي وڃي، ھنن مطالبو ڪيو ته منھگائي تي ضابطو آندو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں