مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي:شاهنواز ڪلهوڙو

سوڀوديرو(ن س) تعليم کان سواءِ ڪابہ قوم ترقي نٿي ڪري سگهي پنهنجن ٻچن کي تعليم جهڙي زيور کان محروم نہ ڪيو پي پي اڳواڻ شاھنواز خان ڪلهوڙو پاران سڳيون ۾ برادري جي هڪ ڪارنر گڏجاڻي ۾ خطاب. سڳيون ڀرسان ڳوٺ گل خان ڪلهوڙو ۾ عباسي ڪلهوڙا برادري جي مرڪزي اڳواڻ سردار شاھنواز خان ڪلهوڙو جي مان ۾ هڪ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن جي اڳواڻي وڏيرو الا بخش ڪلهوڙو ۽ ٻين ڪئي، جنهن ۾ مختلف ڳوٺن جي ڪيترن ئي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي، پروگرام جي ميزبان محترم الا بخش ڪلهوڙو طرفان ڪهي آيل مھمان نن کي سنڌ جي سوکڙي طور اجرڪ ٽوپين جا پڻ تحفا پيش ڪيا ويا، جڏهن ته سنڌ جي صدر رئيس شاھنواز خان ڪلهوڙو ۽ سندس فرزند يوسي چيئرمين علي گل عباسي سميت مختلف ڳوٺن جي اڳواڻن به وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪئي، جنھن ۾ وڏيرو گل خان ڪلهوڙو، وڏيرو غلام اڪبر ڪلهوڙو، نصير محمد ڪلهوڙو، محمد مٺل ڪلهوڙو، ڏاڏو بچل ڪلهوڙو، صحافي نجيب علي عباسي ،صحافي فدا عباسي، نور محمد عباسي، فيض محمد عباسي، ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي پي پي اڳواڻ شاھنواز خان ڪلهوڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب غريب عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي اسان وفاقي ۽ سنڌ حڪو مت کان مطالبو ٿا ڪريون مهانگائي تي جلد کان جلد ڪنٽرول ڪري ۽ غريب عوام کي فورن رليف فراهم ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں