مهراڻ يونيورسٽي جي مالي سال 2022-23 لاءِ 4496.351 ملين روپين جي بجيٽ منظور

ڄامشورو(پ ر) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي سينيٽ جي 41 هين گڏجاڻي سنڌ جي انجنيرئنگ يونيورسٽين جي پرو چانسلر ۽ سنڌ جي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي صوبائي وزير سيد ضيا عباس شاهه جي صدارت ۾ ٿي گذري. گڏجاڻي ۾ مالي سال 2022-23 لاء 4496.351 ملين رپين جي بجيٽ پيش ۽ منظور ڪئي وئي. مهراڻ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر فنانس ذيشان ميمڻ بجيٽ پيش ڪندي ڄاڻايو ته يونيورسٽي جي ملازمن، استادن ۽ آفيسرن جي پگهار ۽ ٻين سهولتن جي لاءِ 21559.598 ملين رٽائرڊ ملازمن جي لاءِ 696.070 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جڏهن ته يونيورسٽي جي ٻين خرچن ۾ يوٽلٽي بلن جي مد ۾ 295.500 .ملين، تحقيقي معاملن جي مد ۾ 85.235 ملين، شاگردن جي اسڪالرشپ جي لاءِ61.373 ملين رکيا ويا آهن. ان سان گڏوگڏ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس خيرپور ميرس جي 646.874 ملين رپين جي بجيٽ پيش ۽ منظور ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر فنانس سينيٽ هائوس کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت 674 ملين رپيا بجيٽ ۾ مهراڻ يونيورسٽي کي وڌائي ڏنا آهن، جيڪا ساراهه جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته تازي آيل ٻوڏ کان پوءِ سنڌ صوبي ۾ ماڻهن جي معاشي سگهه تمام گهڻي ڪمزور ٿئي آهي، داخلائون گهٽ ٿيون آهن، مجموعي طور انجنيئرنگ جي پروگرامن ۾ داخلا جو رجحان پڻ گهٽيو آهي، انهي ڪري مهراڻ يونيورسٽي جي آمدني به گهٽجي وئي آهي. ڊائريڪٽر فنانس ذيشان ميمڻ بجيٽ تقرير ۾ چيو ته سنڌ حڪومت 2016ع کانپوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس خيرپور ميرس جي بجيٽ لاءِ هڪ رپيو به نـ ڏنو آهي. هن گهر ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جلد 900 ملين رپين جي اسپيشل گرانٽ جاري ڪري جنهن لاءِ سنڌ جي وڏي وزير کي خط پهريان ئي لکيو ويو آهي. بجيٽ رکي جيڪڏهن نه ته اهو بار به مهراڻ يونيورسٽي کي کڻڻو پوندو. هن چيو ته مالي مشڪلاتن وڌڻ ڪري مهراڻ يونيورسٽي پنهنجو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ گذريل سال 200 ملين رپين جو بئنڪ مان قرض کنيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرو چانسلر سيد ضيا عباس چيو ته مهراڻ يونيورسٽي ۾ آئون ٻه سال سول انجنيئرنگ شعبي ۾ پڙهيو آهيان، يونيورسٽي کي ترقي ڪندي ڏسي خوشي ٿئي آهي، هن چيو ته سينيٽ ۾ پيش ڪيل بجيٽ جامع هئي، اميد تي بجيٽ تي جيئن جو تيئن عمل ڪيو ويندو. مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته تيل جي اگهن ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ مجموعي طور مهانگائي وڌڻ ڪري يونيورسٽي جي خرچن ۾ واڌ آئي آهي. هن چيو ته اسان جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش آهي ته هر تدريسي شعبو پنهنجا خرچ پاڻ گهٽي، يونيورسٽي جا پروفيسر ۽ استاد پنهنجي تحقيق ۽ مهارت سان ٻاهريان ريسرچ پراجڪيٽ حاصل ڪن، پنهنجي صلاحِيتن ۽ مهارت جي مارڪيٽ ۾ کپت ڪري پنهنجي شعبي جا خرچ ڪڍن ۽ يونيورسٽي کي مالي مشڪلاتن مان ڪڍن. وائيس چانسلر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته، يونيورسٽي ۾ اڪثريت ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ غريب شاگردن جي آهي، يونيورسٽي کي درپيش مالي مشڪلاتن جو بار فيسون وڌائي شاگردن تي نٿو وجهي سگهجي. هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ 35 سيڪڙو شاگردن کي اسڪالرشپ مهيا ڪئي ٿي وڃي، اسان جي ڪوشش آهي ته وڌيڪ اسڪالرشپن جو بندوبست ڪريون. هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو المنائي ڪنوينشن ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ مهراڻ يونيورسٽي جي المنائيز وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، اميد آهي ته يونيورسٽي جا المنائي اسڪالرشپن ۽ ٻي مد ۾ پنهنجي يونيورسٽي جو ساٿ ڏيندا. جڏهن ته سينيٽ جي گڏجاڻي ۾ رٽائرڊ ٿيل استادن، آفيسرن ۽ ملازمن جي خدمتن کي پڻ ساراهيو ويو ۽ فوتي ملازمن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي وئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ خيرپور ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالسميع قريشي، رجسٽرار لڇمڻ داس سوٽهڙ، فيڪلٽيز جي ڊينز ۽ سينيٽ جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران معزز ميمبرن پاران يونيورسٽي جي تدريسي ۽ تحقيقي منصوبن ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ۽ مشورا پڻ ڏنا ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں