نوشهرو فيروز لڳ ڳوٺ تي پڊعيدن پوليس جي مبينا چڙهائي، عورتن تي تشدد، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

نوشهرو فيروز(رپورٽ:خادم سيال) پڊعيدن پوليس جي  ايس ايڇ او منيم لاڙڪ خلاف ڳوٺ احسان نانگراچ ۽ سالار تڳرتي چڙھائي خلاف ڳوٺاڻن جو سخت احتجاج  ميڊيا سان ڳالھائيندي محمود نانگراچ، خير محمد نانگراچ، علي شير نانگراچ، مسرور تڳر،  صدام تڳر، منور تڳر، فياض نانگراچ، غلام سرور نانگراچ ۽ ٻين چيو ته ايس ايڇ او منيم لاڙڪ ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي بلا جواز اسان جي گھرن ۾ گھڙي ڀڃ ڊاھ ڪئي ۽ گھرن مان پيتيون ڀڃي الھ تلھ ٻھاري ويو ويندي ويندي اسان جي گھرن جون 6 سولر پليٽون کڻي ويو ۽ سالار تڳر جو به سامان کڻي ويو ڪجھ ڏينھن پھريان تڳرن تي به ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪئي ھئي ۽ اسان جي ٻن نوجوانن کي اغوا ڪري کڻي ويو آھي جن تي وري مٺياڻي پوليس وٽ ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪري ڇڏي آھي اسان جو چيف جسٽس سنڌ، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھرو فيروز ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون فورن ايس ايڇ او پڊعيدن منيم لاڙڪ خلاف قدم کڻي اسان جو کڻي ويل گھر مان پئسا سونا زيور پليٽون واپس ڪرائيون وڃن اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان نيشنل ھاء وي بند ڪنداسين ڪجھ به ٿيو ان جي ذميوار پڊعيدن پوليس ھوندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں