ٻن صوبن ۾ چونڊون، سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ ٽٽي پئي، 4 ججز ٻڌڻيءَ کان معذرت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بينچ ٽٽي پئي، 4 ججز ٻڌڻيءَ جو حصو بڻجڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي بينچ کان ڌار ٿي ويا، 9 رڪني بينچ ٽٽڻ بعد باقي 5 رڪني بينچ ٻڌڻي جاري رکي. ٻڌڻي هلائيندڙ 5 رڪني بينچ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس محمد علي مظهر شامل آهن. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته  4 ججز بينچ کان ڌار ٿي چڪا آهن، آئين جي تشريح لاءِ باقي بينچ ٻڌڻي جاري رکندي، اسان کي اڄ هر صورت ۾ ڪيس کي مڪمل ڪرڻو آهي، اڄ 9 وڳي ٻڌڻي شروع ڪري ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. جسٽس جمال مندوخيل جو نوٽ حڪمنامي کان اڳ سوشل ميڊيا تي اچي ويو هو، احتياط ڪنداسين ته آئنده اهڙو واقعو نه ٿئي. حڪمران اتحاد جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي کي بينچ کان ڌار ڪرڻ ۽ فل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا ڪئي هئي. ٽيويهه فيبروري تي پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻيءَ جو لکت ۾ حڪم به جاري ڪيو ويو آهي. تحريري حڪمنامي ۾ 4 ججز  جسٽس مندوخيل، جسٽس منصور، جسٽس يحيٰ ۽ جسٽس اطهر من الله جا نوٽ شامل، جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي نوٽ ۾ چيو آهي ته ٻن سينيئر ججز کي بينچ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي، عدليه تي عوام جي اعتماد لاءِ ضروري آهي ته ان جي شفافيت برقرار رهي. جسٽس اطهر من الله پنهنجي نوٽ ۾ لکيو آهي ته چيف جسٽس جو اوپن ڪورٽ ۾ ڏنل آرڊر تحريري آرڊر سان مطابقت نه ٿو رکي، صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ جي آئيني ۽ قانوني حيثيت کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي. جسٽس اطهر من الله سوال اٿاريو ته ڇا صوبائي اسيمبليون جمهوريت جي آئيني اصولن کي لتاڙيندي ٽوڙيون ويون؟ ڪنهن ٻئي معاملي کي ڏسڻ کان اڳ اسيمبليون ٽوڙڻ جي آئيني ۽ قانوني حيثيت ڏسڻ اڻٽر آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں