شڪارپور(رپورٽ:عمران قريشي) لکي تعلقه پريس ڪلب ۾ چونڊيل ڪائونسلر محمد سليم چنه ۽ ٺيڪيدار حاجي شاھنواز منگي جي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته موجوده ٽائون ايڊمنسٽريٽر آصف اقبال جاگيراڻي ۽ ٽائون آفيسر مجاھد حسين ڇڄڙ خلاف دانھيندي الزام ھنيو آھي ته 2019 ۾ ٽائون ڪاميٽي لکي اندر 25 ڪمن جا ٽينڊر جاري ڪيا ويا ھئا جن مان 15ڪم مڪمل ڪيا ويا ھئا ۽ باقي رھيل 10ڪم ھن وقت تائين رولڙي جو شڪار بڻيل آھن جنھن لاءِ ھر مهيني 60کان 70 لک روپيا تيل ۽ صفائي ڪرائڻ جي مد ۾ جعلي بل ٺھرائي ڪڍيا ٿا وڃن، جنھن لا۽ اسان اينٽي ڪرپشن چئرمين لوڪل گورنمينٽ ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کي پڻ آگاھ ڪيو آھي پر ڪوبه تدارڪ نه ٿو ڪيو وڃي. ھنن مطالبو ڪيو آھي ته رھيل ڪمن جي ٺيڪيدار کي رقم جاري ڪري رھيل 10 ڪم پورا ڪرايا وڃن ھنن سي ايم سنڌ منسٽر لوڪل گورنمينٽ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ ڪرپشن جي روڪٿام ادارا نوٽيس وٺڻ لاءِ اڳتي اچن ھن وڌيڪ چيو ته لکي ٽائون ڪاميٽي ڪرپشن جو ڳڙھ بڻيل آھي جتي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪري پيپلز پارٽي جي عھديارن کي خوش ڪيو ٿپوڃين جتي ھر بنگلي کي پنھنجي پنھنجي حصي جو مال بنگلي تر پھچايو ٿو وڃين جنھن سبب ٽائون ڪاميٽي جا رھيل ڪم پورا نه ٿا ڪيا وڃن ۽ اسان کي ڪمن جي رھيل بقايا به نه ٿي ڏني وڃين جيڪو اسان ٺيڪيدارن سان سراسر ناانصافي آھي اگر اسان جا جائز مسئلا حل نه ڪيا ويا ته اسان کي مجبورن ڪورٽ سڳوري جو درواز کڙڪائڻو پوندو
