ڄآمشورو(ڊ ر) سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل لا ڪاليجن جي شاگردن پاران سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا بلاڪ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو انهي موقعي تي شاگرد عبدل رشيد،شفقت عباس جسڪاڻي ۽ علي عباس صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا لاڳيپل لا ڪاليجن جي فيسون ۾ واڌ ڪئي وئي آهي جنھن سبب غريب شاگرد پريشان آهيون اسان جي قانون جي اڪثريت ۾ شاگردن جو تعلق غريب خاندان سان آهي مهانگي سبب پريشاني ۾ آهيون مٿان وري فيسون ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي هن دور ۾ ماني کائڻ به وڏو مسئلو ٿي وئي آهي انتظاميا شاگردن کي ريليف ڏيڻ بدران وري فيسون ۾ واڌ ڪري رهي آهي جنھن کي اسين رد ڪندي انتظاميا کان فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو شاگردن جو چوڻ هو ته ڪاليجن ۾ وقت سر امتحان به نه پيا ورتا وڃن جن سان پڻ تعليم متاثر ٿي رهي آهي جلد کان جلد امتحان ورتا وڃن.
