ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: گل محمد کوسو)ڪنڌڪوٽ:ضلعي جي انڊس هاءِ وي روڊ مٿان ايندڙ ويندڙ گاڏين مٿان ڏوهارين جي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي.هٿياربند ٽولي جي مسافر گاڏين مٿان فائرنگ سبب ٽرڪ ڪلينر نازڪ لاشاري عورت ۽ نينگر سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.جڏهن ته ڏوهارين ڊرائيور کي اغوا ڪري ويا.پوليس کي انڊس هاءِ وي تي ڏوهارين جي ڦرلٺ جي ڪوشش ۽ مسافرن کي زخمي ڪرڻ جو اطلاع ملڻ تي پوليس واردات واري هنڌ پهچي ڏوهارين جو پيڇو ڪيو ۽ پيڇو ڪرڻ دوران پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ دوبدو فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ۽ ڏوهارين جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار روشن الدين جکراڻي شهيد ٿي ويو.شهيد پوليس اهلڪار جو مڙهه ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙه شهيد اهلڪار جو مڙه پوليس اباڻي گهر منتقل ڪيو.شهيد پوليس اهلڪار جي جنازه نماز اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي ۽ جنازه نماز ادا ڪرڻ بعد شهيد اهلڪار جو مڙه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.شهيد پوليس اهلڪار جي جنازه نماز ۾ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ عرفان سمون سميت رينجرز ۽ ضلعي انتظاميا شريڪ ٿي.ان موقعي تي ايس ايس پي جو چوڻ هو ته پوليس دليرانا مظاهرو ڪندي مغوي کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ۽ پنهنجي جان جو نزرانو پيش ڪيو.هن چيو ته شهيد پوليس اهلڪار روشن الدين جکراڻي جو رت رائگان نه ويندو ڪچي مان ڏوهارين جو خاتمو آڻي پوءِ ئي سک جو ساه کنيو ويندو.هن چيو ته شهيد پوليس اهلڪار جنهن نموني بهادري سان ڏوهارين سان مهاڏو اٽڪايو آهي ان جي بهادري کي ڪڏهن به ويساري نه ٿو سگهجي.
