ذوهيب اياز دايو
سنڌي سماج رياستي بيحسين جي ور چڙهي چڪو آهي، جنهن جو نقصان هن سماج جي نوي سيڪڙو ماڻهن کي پهتو آهي، هڪڙا ماڻهو تہ بلڪل مسڪيني حال ۾ آهن، انهن کي اٽي، لٽي ۽ اجهي کان بہ محروم ڪيو ويو آهي، هڪڙا ماڻهو اهي آهن، جن کي سفيد پوش چيو ويندو آهي، جن جي لاءِ مشهور آهي تہ اهي مڇي ماني وارا ماڻهو آهن، هن وقت سڀني کان وڌيڪ پريشان اهو سفيد پوش طبقو آهي، جيڪو پنهنجي وجود جي جنگ وڙهي رهيو آهي، انهيءَ طبقي کي پنهنجي محرومين جو بہ احساس آهي تہ انهيءَ سان گڏ پنهنجي مارو ماڻهن جي تڪليفن جو احساس آهي، اهو طبقو شعوري طور تي به ڪجهہ اڳڀرو آهي، جنهن ڪري سياسي، سماجي، ادبي ۽ شعوري جدوجهد ۾ بہ انهيءَ طبقي جو حصو آهي، ڇاڪاڻ تہ انهن کي اهو اهو احساس آهي تہ اسانجي سڀني تڪليفن جا ذميدار حڪمران آهن ۽ اهي قوتون آهن جن کي رياستي قوت جي آڪسيجن ملي رهي آهي، انهن جي خلاف جيستائين منظم جدوجهد نہ ٿيندي ايستائين انهن مان ڇوٽڪاري جو ڪو امڪان ناهي، انهيءَ طبقي هڪڙا ماڻهو وري انھي سوچ جا آهن تہ جيستائين ڪو وڏو انقلاب اچي، ڪا وڏي تبديلي اچي، ايستائين مصيبت ماريل ماڻهن کي ڪا عارضي آٿت ڏجي، اهڙا ئي ماڻهو سماجي تنظيمن جو بنياد رکي پنهنجي مسڪين ماڻهن جي سهائتا جي لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙيندا آهن ۽ اهڙي طرح ئي انھي طبقي جي ماڻهن 1972 ۾ ڪراچي ۾ هڪ گڏجاڻي ڪري سگا جو بنياد رکيو ۽ اهو طئي ڪيو تہ سنڌ جا پڙهيل ڳڙهيل گريجوئيٽ گڏ ڪجن ۽ مسڪين ماڻهن کي تعليم، صحت ۽ ٻين ڪمن ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪائي حڪمت جوڙي سگهجي، جيتوڻيڪ سگا انهن باشعور نوجوانن جي سوچ جو مظهر آهي پر اجايو هڪڙي نيريشن ٺاهي ڪري ڪنهن هڪڙي ماڻهو کي انهيءَ جو ڪريڊٽ ڏنو ويو، جيڪو تنظيمن جي اجتماعي سوچ جي لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي، سگا جي اهڙي سوچ تي ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن پر اهو طئي آهي تہ سگا سنڌ جي ماڻهن جي تمام وڏي سماجي تنظيم آهي، جنهن اڌ صدي کان وٺي لکين ماروئڙن کي صحت جي ميدان ۾ سهولتون ڏنيون آهن، تعليم جي ميدان ۾ روشن تارا اسڪولن جو سلسلو شروع ڪري معياري تعليم جو بنياد رکيو ويو آهي ۽ پنهنجي ٻولي ۽ ادب جي لاءِ به وڏي جدوجهد ڪئي آهي، سگا گهوٽڪي بہ سموري سنڌ وانگر تمام گهڻي متحرڪ رهي آهي، سگا گهوٽڪي جو روشن تارا ماڊل هاير سيڪنڊري اسڪول سموري سنڌ ۾ مڃتا ماڻي چڪو آهي، ڪجهہ ناعاقبت انديش ماڻهن انهيءَ اسڪول تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مرڪز جي طرفان اهڙا ماڻهو ٿاپيا ويا، جن شديد ترين نقصان پهچايو،پر سگا جي بي لوث ڪردارن جان جي پرواهه نہ ڪئي ۽ اداري جي دفاع لاء لوهي ديوار بڻجي بيهي رهيا، سگا گهوٽڪي هن وقت انتهائي متحرڪ شاخ آهي، جنهن جي طرفان صحت جي ميدان ۾ تمام وڏو ڪم ڪيو ويو آهي، اکين جي ڪئمپن، چمڙي جي بيمارين جي ڪيمپن کان علاوهہ سگا جي قافلي ۾ رهندڙ شخصيتن جي نالي تي ميڊيڪل ڪيمپن جو سلسلو جاري آهي ۽ هن مهل تائين ڊاڪٽر بشير احمد گهوٽو، استاد آتما رام، شاهجهان پنهيار، ڪريم بخش ملڪ، محمد هاشم ڌانڌو، محمد حسن دايو، جيوترام آر منگلاڻي ۽ ٻين جي نالي تي ڪيتريون ئي ڪيمپون لڳايون ويون آهن، اهڙي طرح تازو سگا گهوٽڪي جي صدر آغا بلاول جي پٺاڻ جي والد مرحوم محمد مراد خان پٺاڻ جي نالي تي گهوٽڪي کان 70 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پوئتي پيل علائقي ڳوٺ ڊرنگ چاچڙ ۾ سگا گهوٽڪي پاران هڪ ڏينهن واري مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي،ڪيمپ ۾ خاص مهمان سنڌ بار ڪائونسل جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ عبدالرزاق مهر چيو تہ گهوٽڪي ضلعو حڪومت کي اربين روپين جي ٽيڪس ڏيئي رهيو آهي، پر لکين غريب ماڻهو تعليم، صحت ۽ ترقياتي ڪمن کان محروم آهن، تقريب کي ڪيمپ جي ميزبان ميان غلام فريد انڍڙ، سگا گهوٽڪي جي صدر آغا بلاول پٺاڻ ،نائب صدر ڊاڪٽر محمد نواز ڪلوڙ، جنرل سيڪريٽري رئوف پارس دايو، اطلاعات سيڪريٽري اياز لطيف دايو، حق نواز سومرو، ارشد ڪولاچي، ڊاڪٽر بشير احمد ڀٽو، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار چاولا،ڊاڪٽر ظفر علي سنگھڙ، ڊاڪٽر عبدالله مھر ۽ ٻين خطاب ڪيو، ايڊووڪيٽ عبدالرزاق مهر وڌيڪ چيو تہ جيڪو ڪم هن علائقي جي سڀني وزيرن، مشيرن،ايم اين اي ۽ ايم پي ايز کي ڪرڻ گهرجي، اهو ڪم سگا گهوٽڪي جا قافلي جا اڻٿڪ ساٿي ڪري رهيا آهن، انهن کي ماڻهن جي درن تي سڀ سهولتون ڏيڻ گهرجن، باقي انهن جي تعويذن لاءِ ماڻهو ووٽ تہ نہ ڏيندا آهن، هن چيو تہ انهن جا وڏا انگريزن جا نوازيل آهن، تنهنڪري انهن جي پوئين نسل جو بہ رويو اهو ئي آهي، هن چيو تہ جڏهن باشعور ماڻهو انهن وڏيرن جي آڏو نچڻ بند ڪندا تہ ٿوري تبديلي اچي سگهي ٿي، هن چيو تہ ڪا آسماني مخلوق اچي هن مصيبت مان جان نہ ڇڏائيندي پر اسانکي پاڻ اٿڻو پوندو، ائين نہ ٿئي تہ اسانجو ايندڙ نسل پويان اسانکي پاراتا ڏيندو رهي تہ انهن وڏيرن مان سندن اسان جان نہ ڇڏائي، هن چيو تہ سگا اهڙي لاٽ روشن ڪئي آهي، جيڪا مظلوم ماڻهن جي دلين کي روشن ڪري رهي آهي،سگا گهوٽڪي کي جس آهي جن ٿر، ڪاڇي ۽ خيرپور ناٿن شاهہ ۾ بہ وڃي ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون، ڪرونا ۽ برساتن جي تباهين ۾ بہ هنن وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ رئوف پارس جهڙن بي لوث ڪردارن جي مٿان اسانکي فخر آهي، انهيءَ موقعي تي 2000 جي لڳ ڀڳ مختلف مرضن جي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن جو معائنو ڪيو ويو ۽ انهن کي مفت دوائون فراهم ڪيون ويون، ڪيمپ ۾ جن ڊاڪٽرن حصو ورتو، انهن ۾ ڊاڪٽر نسرين نواز ڪلوڙ، ڊاڪٽر مارئي ذوهيب دايو ،ڊاڪٽر محمد نواز ڪلوڙ، ڊاڪٽر بشير احمد ڀٽو، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار چاولا ،ڊاڪٽر عبدالله مھر ۽ ڊاڪٽر ظفر سنگھڙ شامل آهن، مختلف فارما ڪمپنين به هن ڪيمپ ۾ حصو ورتو ۽ وڏي انگ ۾ دوائون فراهم ڪيون، ڪيمپ ۾ موجود سمورن ڊاڪٽرن ۽ انهن جي ٽيم کي اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا،سگا گهوٽڪي جي صدر آغا بلاول پٺاڻ چيو تہ سگا گهوٽڪي پنهنجي مدد پاڻ تحت سوين مفت ميڊيڪل ڪيمپون لڳائي چڪي آهي، ڊاڪٽرن جي ٽيم کي سلام آهي، جن اسان سان سدائين ڀرپور تعاون ڪيو آهي، خاص طور تي ڊاڪٽرياڻين کي جس هجي، جيڪي ڏورانهن علائقن ۾ به انهن ڪيمپن ۾ شامل رهنديون آهن، هن چيو تہ تعليم ۽ صحت جي ميدان ۾ سگا گهوٽڪي پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪندي رهندي.
