ڪراچي(بيورو رپورٽ) مذھبي مامرن ۽ بين المذاھب آھنگي واري وفاقي وزارت پاران ڪراچي جي مقامي ھوٽل ۾ بين المذاھب آھنگي ۽ موجوده دور جون گھرجون ” جي عنوان سان ڪانفرنس ٿي . ان موقعي تي خطاب ڪندي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور چيو تھ انسانيت ۽ سڀني مذهبن جو احترام ضروري آهي، اسان کي گڏجي مسئلا حل ڪرڻا پوندا، ماڻهو ڪنهن به مذهب سان تعلق رکي ٿو، پنهنجي ايمان کي ڪنهن تي مسلط ڪرڻ صحيح ناهي. برطانيه يا آمريڪا ۾ اقليتن لاءِ ڪي خاص اسڪول نه آهن، اها پاڪستان جي آئين جي هڪ خصوصيت آهي، عورتن ۽ اقليتن کي خاص مراعتون ڏنيون ويون آهن. مؤثر آواز هر سطح تي بلند ڪري سگهجي ٿو، آئين سڀني جي حقن جو تحفظ ڪري ٿو، بدقسمتيءَ سان اقليتن جا نمائندا اسان وٽ نٿا اچن. اقليتن جا مسئلا حل ڪيا ويندا. ھن چيو تھ اهو مسلمانن ۽ هندن جو مسئلو ناهي، مسئلو عزت جو آهي، هڪ ٻئي جو احترام ضروري آهي،وزير حج تي هڪ هزار ريال في ماڻهو ڪميشن وٺندا هئا، مون سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيو آهي،مون وٽ ڪوبه اثاثو ناهي،6 مهينن کان اليڪشن ڪميشن مون کان پڇيو ته توهان جا اثاثا ڪٿي آهن؟ مان هڪ غريب ماڻهو آهيان اڄ به مان ٽن ڪمرن واري مٽيءَ جي گهر ۾ رهان ٿو. قومي اقليتي ڪميشن جي چيئرمين چيلا رام ڪيولاڻي چيو تھ اقليتي ڪميشن کي قانوني حيثيت ڏيارڻ لاءِ ڪافي مشڪلاتون پيش آيون ان جي باوجود ھلندڙ مھيني ۾ ڪميشن قانوني حيثيت ۾ اچي ويندي . سنڌ صوفي درويشن جي ڌرتي آھي ھندن پاران بزرگن جا ڏينھن ملھائڻ سان گڏ روزو کولرائڻ ۽ عاشورن ۽ عيد جي ڏھاڙن سميت غمي خوشي ۾ مسلمانن سان شريڪ ھوندا آھن .ھن چيو تھ جبري مذھب تبديلي ۽ ننڍي عمر ۾ زبردستي شاديون ڪرائڻ وارن مسئلن تي دل ڏکي ٿئي ٿي ، پيرسن ھندو مذھب ڇو نھ ٿا تبديل ڪن يا عيسائي ۽ پارسي ڇو نھ ٿا ٿين رڳو صرف زوري مسلمان ڪيو وڃي ٿو انھن مامرن تي قانونسازي ٿيڻ گھرجي . قومي اسيمبلي ۾ قانونسازي وارو فائل بند ٿي ويو . ملڪ معاشي ۽ مذھبي ڳنڀير صورتحال مان گذري رھيو آھي . ٻڌل ڳالھين تي مذھبي وڳوڙ ٿين ٿا . مسجدن تي حملا ڪرڻ سان اسان جون دليون رت روئنديون آھن، ضلعي سطح تي ڪانفرنسون ٿيڻ گھرجن . اقليتن کي نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا کان وڌي 10 سيڪڙو کان وڌيڪ نوڪريون ملي وڃن ٿيون، ڌرمي ماڳن عجي حفاظت ۽ تعمير ٿئي پئي جنھن جو سھرو سنڌ حڪومت خاص طورتي اقليتي وزير گيانچند ايسراڻي ڏانھن وڃي ٿو . پنڊال مان نوتن ڪمار بابت آواز اٿڻ تي چيلا رام ڪيولاڻي چيو تھ ان مامري تي ڏک آھي ۽ ڪورٽ ۾ڪيش ھلي ٿو .. اقليتي مامرن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو تھ مذھبي رواداري لاءِ ڪانفرنسون وقت جي ضرورت آھن، ھڪٻئي جا ڏک تڪليفون ٻڌون ٿا. سنڌ حڪومت پاران اھڙي ڪانفرنس ڪرائي چڪا آھيون . مان ڏاڍو خوش آھيان تھ ھن ڌرتي جو پٽ آھيان. ھن چيو تھ سمورين ڳالھين کي رد ڪندي چوان ٿو تھ اقليتن سان ڪا ناانصافي نٿي رھي آھي. ھڪ ٻھ اھم مسئلا آھن جن سان اتفاق ڪيان ٿو . ھن چيو تھ سنڌ ۾ ئي اقليتن جي حقن لاءِ قانونسازي ٿي آھي ، جبري مذھب تنديلي بابت قانونسازي ڪئي آھي جيڪو بل گورنر وٽ ويل آھي، قومي اسيمبلي بھ اھڙي قانونسازي ڪندي تھ اسان کي وڌيڪ سپورٽ ملي ويندي . نامياري قانوني ماھر اسٽنٽ ايڊوڪيٽ جنرل ڪلپنا ديوي چيو تھ موجودھ وفاقي وزارت کي جس آھي نھ تھ ماضي جي حڪومتن کي آءُ ھضم نھ ٿيندي ھيس نالو ڪاٽا ٿي ويندو ھيو ، ھر ڌرم ۾ برداشت ھوندي آھي ۽ ھڪ ٻئي کي ٻڌڻ جو سبق آھي آءَ پاڪستان جي پھرين سنڌ مان ھندو عورت ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل آھيان. ان کان اڳ ھڪ مسيحي عورت سنڌ مان ھئي ھي ملڪ منھنجو آھي پر منھنجي ڌرتي سنڌ نرالي آھي ورھاڱي وقت مجبوري ۾ ھندن اھو واعدو ڪري لڏي ويا تھ واپس موٽي اينداسين پر ائين نھ ٿيڻ تي ڏک اٿم ، ملڪ جي آئين ۾ توڙي قائد اعظم جي تقرير مطابق سڀ برابر آھيون پوءِ بھ مسئلا ٿين ٿا جن گڏجي ڇو نھ ٿو حل ڪيو وڃي ،سنڌ ڌرتي محبت جي ڌرتي آھي پوءِ مان ھندو ڪو مسيحي تھ ڪو ٻيو مذھب وارو ھڪٻئي کي ڇو نٿا برداشت ڪيون . ھن چيو تھ ميان مٺو اسان کي تڪليفون ڏئي ٿو ۽ اسان ان ھڪ شخص جي نھ پر ان جي عمل خلاف ھيون . رڳو معصوم ٻارڙين جو مذھب ڇو ٿو تبديل ڪيو وڃي ان بابت اسيمبلي ۾ قانوسازي پيل آھي پر اھا حقيقت آھي تھ سنڌ اسيمبلي مان منارٽي فرينڊلي بل پاس ٿيا آھن ، سنڌ ڌرتي ڄائي ھجڻ تي فخر اٿم ، اسان وٽ وسيلا ناھن . ڪشمير پاڪستان ڀلي ٿئي پر اسان جي ھن ڌرتي کي بچايو وڃي امير غريب ۽ اقليتن لاءِ ڌار ڌار قانون نھ کپن برابري آندي وڃي . ھن سوال ڪيو تھ اسان کان باربار ڇوٿو چوريو وڃي تھ اسان محب وطن آھيون توڙي جو اسان جون نوڪريون ۽ خدمتون ھن ملڪ لاءِ آھن مان جيتري اقليت جي آھيان اوتري پاڪستان جي آھيان .اسان جي ماتر ڀومي منافقن جي سازشن جي ڪري سفر ڪري پئي . .قومي اقليتي ڪميشن جي ميمبر ڊاڪٽر جئي پال ڇاٻڙيا چيو تھ پاڪستان ۾ ئي مذھبي رواداري جي ڳالھھ ان ڪري ضروري آھي جو ملڪ جو باني ان جو مثال ھيو ، چيلا رام ڪيولاڻي کان اڳ اقليتي ڪميشن جا چيئرمين مسلمان ٿيندا ھئا، اھڙيون ڪانفرنسون يونبيورسٽين ۽ مدرسن ۾ بھ ٿين گھرجن. ڪريڪويلم تي ڪم ڪرڻ جي ضروت آھي . ھن چيو پروفيسر نوتن اڄ بھ جيل ۾آھن، مان ھندو آھيان تھ مونکي اللھ ٺاھيو آھي. خدا جي مرضي کانسوءِ پتو بھ نھ ٿو چري. ان موقعي تي پاڪستان سک ڪائونسل جي سربراھ رميش سنگھھ ، بشپ آف پشاور ھمفري سرفراز پيٽرز ، قومي اقليتي ڪميشن جي ميمبر ڊاڪٽر جئھ پال ڇاٻڙيا ، مجلس صوت جي اڳواڻ مفتي ابوبڪر محي الدين ، پارسي انجمن جي نمائندي ، پشاور کان آيل مولانا احمد علي مروت ، بشپ آف ڪراچي ڪارڊيئل جوزف ڪوٽس ، ايم اين اي جيمز اقبال ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو .
