جيڪب آباد (رپورٽ: صاحب خان چانڊيو) جيڪب آباد ۾ اي پي سي چيئرمين محمد شعبان ابڙو، شاھد جوادي، نيشنل پارٽي جي مختيار علي بلوچ، آزاد ميڊيا پريس ڪلب پھچي ڪري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان نهايت شڪر گذار آهيون آزاد ميڊيا پريس ڪلب جي صحافي دوستن جا جنهن ھميشه جيڪب آباد جي غريب عوام جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچايو آهي آزاد ميڊيا پريس ڪلب جي مختلف چينلن ۽ اخبارن ۾ خبر نشر ٿيڻ کان پوءِ هاءِ ڪورٽ نوٽيس ورتو آهي ۽ لاڙڪاڻو بورڊ کي نوٽيس جاري ڪيو آهي ته ميٽرڪ ۽ انٽر جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان فيس نه ورتي وڃي ان جي حڪم تي جيڪب آباد جي ڪافي اسڪولن وارن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي فيس واپس ڪئي آھي مگر ڪجهه اسڪولن هائي ڪورٽ جي نوٽيس جاري ٿيڻ کان پوءِ نوٽيس جو حڪم هوا ۾ اڏائي ڇڏيو آھي ۽ پنهنجي من ماني ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين کي فيس واپس نه ڏئي رهيا آهن ۽ اڃا تائين فيس ورتي پئي وڃي وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اسين جيڪب آباد سيشن ڪورٽ ۾ درخواست پڻ دائر ڪرائي ڇڏي آهي ان مطالبو ڪندي چيو ته اسين هائي ڪورٽ، ۽ جيڪب آباد سيشن ڪورٽ جي جج کان مطالبو ڪريون ٿا ته خدارا جيڪي جيڪب آباد ۾ مختلف اسڪولن آھن جيڪي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان في ورتي آهي ۽ انھن کي في واپس نه ڪن ٿا انھن اسڪولن ۾ وزٽ ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين کي فيس واپس ڪرائي ڏني وڃي ۽ ظالم ڪرپٽ اسڪولن وارن استادن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انصاف فراهم ڪيو وڃي نه ٻي صورت ۾ اي پي سي احتجاج جو دائرو وسيع ڪندي.
