حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ”ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ بند ڪيو“جي عنوان هيٺ سيمينار

حيدرآباد (پ_ر) ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ بند ڪريو جي عنوان سان عوامي تحريڪ طرفان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو. جنھن ۾ سنڌ جي نامور اديبن، دانشورن، وڪيلن، قلمڪارن، صحافين سميت عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. سيمينار کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عوامي ورڪرس پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري ڪامريڊ بخش ٿلهو، پورهيت مزاحمت تحريڪ جي اڳواڻ مسرور شاه، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ڊاڪٽر سنڌو مڱڻهار، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عمراھ سمون، سنڌ صحافي اتحاد جي سرواڻ نعمت کهڙو، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ناليواري صحافي جي اين مغل، حفيظ ڪنڀر، اسحاق مڱريو، ادريس لغاري، دستگير ڀٽي، ڊاڪٽر ذولفقار هاليپوٽو، نور بجير، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪائنات ھاليپوٽو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. سيمينار کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو تھ ڊجيٽل آدمشماري ذريعي پرڏيھين کي سنڌ جو شھري ڳڻي ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. ڪراچي بدامني ڪيس جي فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ واضع حڪم ڏنو آھي تھ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ غيرقانوني طور رھندڙ سمورن پرڏيھين کي ملڪ نيڪالي ڏئي کين سندن ملڪن ڏانھن موڪليو پر ملڪ جي حڪمرانن پنھنجن سياسي ۽ حڪومتي مفادن خاطر سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڪو بھ عمل ڪيو. ھاڻي صورتحال ھي آھي تھ ھڪ لساني فسادي گروھ جي فرمائش تي سنڌ دشمن، ملڪ دشمن سازشي آدمشماري ڪرائي پئي وڃي جنھن ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڄاڻايل 40 لک ۽ ان کانپوءِ گذريل عرصي ۾ آيل لکين غيرقانوني غيرملڪين کي ڳڻپ ۾ شامل ڪري کين سنڌ جو شھري قرار ڏنو ويندو. ھن چيو تھ پيپلز پارٽي اقتدار جي ھٻڇ ۾ ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي وقت کان اڳ سازشي ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي رھي آھي جيڪا سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي خطرناڪ سازش آھي. پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي ايم جھڙين لساني گروھن سان ڳجھا معاھدا ڪري سنڌي قوم کي تباھ ۽ برباد ڪري سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا غيرملڪين جي حوالي ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو آھي. ھن چيو ته سنڌي قوم جو مطالبو آھي تھ سنڌ ۾ آباد لکين غير ملڪين کي ملڪ نيڪالي ڏئي پوءِ آدمشماري پنھنجي مقرر وقت تي يعني 2027ع ۾ ڊيجيوري طريقيڪار تحت صاف ۽ شفاف آدمشماري ڪرائي وڃي. ان سان گڏ وقت کان اڳ ڊجيٽل آدمشماري روڪرائي آدمشماري لاءِ مختص ڪيل 35 ارب روپيا سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي خرچ ڪيا وڃن. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو تھ اسين وقت کان اڳ ٿيندڙ ھن غير قانوني ڊجيٽل آدمشماري کي مڪمل رد ڪيون ٿا. 2017 ۾ آدمشماري ٿي آھي، تنھنڪري ملڪي آئين، قانون ۽ گڏيل قومن جي آدمشماري بابت اصولن موجب آدمشماري 2027 ۾ ٿيڻ گھرجي. سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته ڊجيٽل آدشماري خلاف ڀرپور جدوجھد جي ضرورت آھي. ڊجيٽل آدمشماري کي رد روڪرائڻ تائين جدوجھد ٿيڻ گھرجي. سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي چيو تھ ڊجيٽل آدمشماري ذريعي آمريڪي سامراج سنڌ ۾ نئون اسرائيل ٺاهي رهيو آهي. ھن شازشي آدمشماري ذريعي سنڌ ۾ غيرقانوني طور رھندڙ لکين افغانين سميت سمورن غير ملڪين کي قانوني تحفظ ڏنو ويندو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو چيو ته وقت کان اڳ ڪرايل ڊجيٽل آمشماري جي ڪا به قانوني حيثيت ڪونھي. ٻوڏ سبب سنڌ، بلوچستان ۽ سرائيڪي وسيب تباه ٿي ويو آهي، گهر ڊهڻ سبب ڪروڙين ماڻهو بي گهر آهن، پوء ڪهڙن گهرن جي گهر شماري ٿيندي؟ ھن چيو تھ ملڪ جي حڪمرانن سامراجي قوتن کي فائدو پهچائڻ لاء سازشي آدمشماري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سنيئر نائب صدر عمراھ سمون چيو تھ وفاقي حڪومت اليڪشن ڪرائڻ جي آئيني ذميواري کان ڀڄي غير آئيني ڊجيٽل آدمشماري تي عوام جا پئسا ضايع ڪري رهي آهي. آئين ۽ قانون موجب آدمشماري هر ڏهين سال ٿيڻي آهي پر موجوده آمشماري 2027ع ۾ ٿيڻي آهي پر ھڪ لساني فسادي گروھ جي فرمائش تي وقت کان اڳ ڪئي پئي وڃي. “ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش بند ڪريو” جي عنوان سان عوامي تحريڪ طرفان منعقد ڪيل سيمينار ۾ منظور ڪيل قرارداد. 2017ع ۾ ڪرايل آدمشماري جي نتيجن کانپوءِ سنڌي عوام جي ووٽن تي چونڊجندڙ پيپلز پارٽي جي حڪومت مصلحت پسندي ڪندي ايم ڪيو ايم سان سر ۾ سر ملايو ان جو ھي نتيجو نڪتو تھ ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي 2017ع واري آدمشماري جي نتيجن کي رد ڪري وقت کان اڳ ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي پئي وڃي. سنڌي عوام سمجھي ٿو تھ آدمشماري صرف آدم ڳڻپ جو مسئلو ڪونھي پر سنڌي قوم جي تاريخي وجود ۽ بقا جو مسئلو آھي. وفاقي رياست گذريل 75 سالن دوران ننڍين قومن سان ويساھ گھاتيون ۽ ناانصافيون ڪري معدني وسيلن تي ناجائز طاقت جي زور تي قبضا ڪري کين ديوار سان لڳائيندي رھي آھي. ان ڪري سنڌي عوام اھو سمجھڻ ۾ حق بجانب آھي تھ وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي سنڌي عوام کي پنھنجي تاريخي وطن ۾ بي وطن ڪري سنڌ تي مڪمل قبضو ڪري سنڌ کي ورھائڻ جي منصوبابندي ۽ مجرمانا سازش ڪئي وئي آھي. جڏھن کان ڊجيٽل آدمشماري جو اعلان ڪيو ويو آھي تڏھن کان وٺي سنڌ جون سموريون قومپرست وطن دوست، قوم دوست تنظيمون، سنڌ جا ساڃاھ وند، اديب، شاعر، صحافي، سول سوسائٽي جا نمائندا، وڪيل، آبادگار، شاگرد، ھاري، مزدور ۽ مختلف مڪتب فڪر سان لاڳاپيل سنڌ جا گھڻگھرا ان کي رد ڪر چڪا آھن پر ان جي باوجود 6 ڪروڙ سنڌي قوم جو آواز ٻڌڻ بدران حڪمران آدمشماري ڪرائڻ تي بضد آھن. گذريل 15 سالن کان سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت رھي آھي. پر انھن 15 سالن دوران سنڌي عوام جي اڪثريتي ووٽن تي چونڊجندڙ پيپلز پارٽي جي حڪومت قانونسازيءَ وسيلي سنڌ جي قدرتي معدني وسيلن، زمينن، پاڻي ۽ ٻين حقن جو بچاءُ ڪرڻ ۽ سنڌ کي ترقي، خوشحالي، امن امان، روزگار، تعليم، صحت جو سھولتون ڏيڻ بدران رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن ڪري سنڌ جي سڀني ادارن کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آھي. ھن سنڌ جا سمورا قومي وسيلا ذاتي جاگير ۽ مال غنيمت سمجھي وڪرو ڪري ڇڏيا آھن. نھ فقط ايترو پر سپريم ڪورٽ ڪراچي بدامني ڪيس ۾ واضع ڪيو ھو تھ ڪراچيءَ ۾ چاليھن لکن کان وڌيڪ غيرقانوني غيرملڪي رھن ٿا جيڪي وڌي ھن وقت تائين 60/70 لک ٿي چڪا ھوندا، پي پي پي حڪومت ۾ ھئڻ جي باوجود سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نھ ڪندي انھن جي نيڪاليءَ لاءِ ڪي بھ عملي قدم نھ کنيا. پي پي پي اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جي سمورن قومي مفادن تي سوديبازي ڪندي رھي آھي. ۽ ھن وقت بھ ڪري پئي. اڄوڪي اخبار ۾ خبار آھي تھ شماريات کاتي جي ترجمان پنھنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو آھي تھ نئين آدمشماري جي طئي ڪيل طريقيار تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ سي سي آءِ جي اجلاس ۾ ڪو بھ اعتراض نھ ڪيو ھو. سنڌي عوام سمجھي ٿو تھ پيپلز پارٽيءَ جي سھولتڪاري ۾ ڪوڙي ۽ غيرقانوني آدمشماري وسيلي انگن اکرن جي ھيراڦيري ڪري ھڪڙي ڇھن ھزارن سالن جي تاريخ ۽ تھذيب رکندڙ سنڌي قوم جي وجود ميسارڻ، ڪلچر، ٻولي کي ختم ڪرڻ وارو نھ فقط قومي، ملڪي ۽ بين الاقوامي ڏوھ ڪيو پيو وڃي پر رياست کي ڪمزور ڪري ٽوڙڻ جي مجرمانھ سازش ڪئي پئي وڃي. سنڌي قوم پنھنجي وجود ۽ وسيلن جي بچاءَ تي ڪا بھ سوديبازي نھ ڪندي انھن جي حفاظت جي لاءِ پرامن جمھوري جدوجھد جاري رکندي. ان سلسلي ۾ اڄوڪي ھن سيمينار ۾ شامل سمورا سنڌ جا ساڃاھ وند، اديب، شاعر، سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ، وڪيل، صحافي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان پرزور گھر ٿا ڪن تھ ھن آدمشماريءَ جو غيرقانوني عمل روڪرايو وڃي ۽ آدشماريءَ لاءِ رکيل رقم ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ تي خرچ ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں