دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) دادو ۾ استادن جي تنظيم پ ٽ الف دادو ٽائون ۽ پ ٽ الف تعلقي دادو جي اڳواڻن پاران پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان امتياز لنڊ، عنايت علي جمالي، امان الله هنڱورو، الهبچايو ميڻو، محمد وسيم کوکر، جهنڊو خان ٻٻر، اياز احمد ٿيٻو، صابر علي ڏاوڇ ۽ ٻين استادن جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، پ ٽ الف اڳواڻن جو چوڻ هو ته دادو ضلعي ۾ استادن جا ڪيترائي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تعليمي اختيارين وٽ سنجيدگي نه آهي جنهن ڪري مجبورن اسان تدريسي عمل مڪمل ڪرڻ بعد احتجاج ڪري تعليمي اختيارين کي واضع ڪيون ٿا ته گذريل 9 مهينن کان ڊيوٽيون ڪندڙ استادن کي پگهارون نه مليون آهن جنهن ڪري نوان استاد مالي طور تي سخت پريشان آهن، اپگريڊيشن جون لسٽون مڪمل هجڻ باوجود ان تي عمل نه ڪيو ويو آهي، بائيو ميٽرڪ سسٽم سبب غير حاضري ڄاڻائي ڊي اي او پرائمري پاران ڏنل استادن کي سزائون ختم ڪيون وڃن ۽ مسئلا حل ڪيا وڃن.
