سنڌ نواز تي تشدد ۽ گرفتاري خلاف حيدرآباد ۾ احتجاجي مظاهرو

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)ڪنڊيارو پوليس پاران سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گانگھرو ۽ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻ حمز علي چانڊيو مٿان وھشياڻو تشدد ڪرڻ بعد گرفتار ڪرڻ خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين سھيل ڀٽو رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر ڪامريڊ پنھل ساريو سماجي اڳواڻ عبدالرزاق عمراڻي ايڊوڪيٽ سرمد چانڊيو جاني سنجراڻي وسيم مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نسيم نگر چوڪ تي ڪنڊيارو پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو.  مظاھرين پاران ڪنڊيارو پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته احتجاج ڪرڻ ھر شھري جو آئيني حق آھي سنڌو نواز گانگھرو سنڌ جي اھا بھادر نياڻي آھي جيڪا مستقل مزاجي سان سنڌ ۽ سنڌين جي حقن لاءِ سراپا احتجاج رھي ٿي سنڌ جي نياڻين جي تعليم ۽ سندس ٻين قانوني حقن لاءِ سڄي سنڌ ۾ جدوجھد ڪري رھي آھي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌو نواز ڪجھ وقت کان ڪنڊيارو واسين جي بنيادي سھولتن لاءِ جدوجھد ڪري رھي ھئي ڪنڊيارو شھر جيڪو سندس اباڻو ڳوٺ آھي ان کي صاف بڻائڻ ۽ برساتن بعد مسڪين ماروئڙن جي مالڪي ۽ منشيات فروشن خلاف پر امن احتجاج ڪري رھي ھئي ته گھڻا ئي بدبودار وڏيرا کيس دشمن بڻجي ويا آھن اڳواڻن الزام ھڻندي چيو آھي ته ڪنڊيارو ٿاڻي جو ايس ايڇ او قربان ڪلوڙ پيپلزپارٽي جي وڏيرن ڪرپٽ سرڪاري آفيسرن جو واٺو آھي ڪنڊيارو پوليس حڪومتي پارٽي جي وانگار وھندي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گانگھرو ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪيو آھي جڏھن ته سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻ حمز علي چانڊيو تي غير انساني تشدد ڪري کيس گرفتار ڪيو آھي جنھن جو ثبوت سڄي ڏسي چڪي آھي اڳواڻن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي ته ايس ايڇ او ڪنڊيارو کي فوري طور ھٽائي ان خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي جڏھن ته سنڌو نواز گانگھرو ۽ ساٿين کي ترت آزاد ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں