عمران خان جي هڪ ئي ڏينهن 3 ڪيسن ۾ ضمانت منظور، توشا خانا ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري

اسلام آباد ( بيورو ) اسلام آباد جي مقامي عدالت توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالتي حڪمن باوجود پي ٽي آءِ چيئرمين سيشن ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو، جنهن تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ظفر اقبال عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن. واضح رهي ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد عمران خان کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو. ان کان اڳ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي خدشن سبب عمران خان پيش نٿو ٿي سگهي، وڌيڪ پنجن ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل سيشن جج ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي ڪهڙو طريقو آهي ته عمران خان 11 عدالتن ۾ پيش ٿي سگهي ٿو، ڪچهري ۾ نه، عمران خان جڊيشل ڪمپليڪس پيش ٿيندو، هتي پيش ٿيڻ لاءِ وٽس ٽائيم نه بچندو اِهو ڪهڙو طريقو آهي، هتي فرد جرم لاڳو ٿيڻو آهي کيس هتي پيش ٿيڻ گهرجي، فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد هو هليو وڃي. پي ٽي آءِ چيئرمين مسلسل غيرحاضري تي سيشن جج رمارڪس ڏنا ته عمران خان کي هر هر موقعو ڏنو پر هو پيش نه ٿيو، تنهنڪري گرفتاري وارنٽن تي عملدرآمد ڪيو وڃي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ست مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت پاران عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو وڏو انگ سيشن ڪورٽ ٻاهران جمع ٿي ويو آهي.ٻئي طرف اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف احتجاج واري ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪئي، مٿس سنگجاڻي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو. عدالت هڪ لک رُپين جي مچلڪن عيوض عمران خان جي نوَ مارچ تائين عبوري ضمانت منظور ڪئي. ٻئي پاسي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ بئنڪنگ ڪورٽ به عمران خان جي ضمانت ڪنفرم ڪري ڇڏي آهي. بئنڪنگ ڪورٽ جي جج رخشنده شاهين فارين فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو. ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قتل جي قدمن جي ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق عمران خان جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت عمران خان جي ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت عمران خان کي هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ سندس عبوري ضمانت 9 مارچ تائين منظور ڪئي وئي. عبوري ضمانت منظور ڪرڻ تي عمران خان بيهي عدالت جا ٿورا مڃيا. واضح رهي ته محسن نواز رانجها عمران خان خلاف قتل جي قدمن جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں