لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي يوسي چيئرمين شفيق احمد چانڊيو طرفان هڪ ڏينهن اڳ شهر جي وليد ٿاڻي تي گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر جي ايم ابڙو مٿان ڀتو گهرڻ، ڌمڪين ۽ قاتلاڻي حملي بابت ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن ڪيس ۾ گرفتار جوابدار گسٽا اڳواڻ جي ايم ابڙو کي وليد پوليس رمانڊ لاءِ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت جي ايم ابڙو کي 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان حوالي سان وليد پوليس ٻڌايو ته عدالت جي ايم ابڙو کي ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن کان پوءِ کيس ٻيهر لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو ويندو جنهن کان واقعي بابت پڇاڳاڇا پڻ جاري آهي. جڏھن تہ گسٽا اڳواڻ جي ايم ابڙو جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن به مختلف تعليمي ادارن گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ گورنمينٽ سينٽ جوزف هاءِ اسڪول جي استادن سڌير احمد شيخ، آصف علي شيخ، ممتاز شاهاڻي، دلدار چانڊيو ۽ ٻين شاگردن سان گڏجي ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري وي آءِ پي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو، گورنمينٽ گرلس انگلش ميڊيم ماڊل گرلس هاءِ اسڪول، گورنمينٽ سينٽ جوزف هاءِ اسڪول ۽ گورنمينٽ لٽل فوڪس هاءِ اسڪول جي ماسترياڻين حميده، ڪلثوم، افيشن، رخسانه، شاگردياڻين صبا، آمنه ۽ ٻين احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو جتي هنن هٿن ۾ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. جڏهن ته گسٽا جي سڏ تي مختلف اسڪولن جي استادن ۽ گسٽا جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري علي انور عڪسري، ضلعي اڳواڻ مظهر علي سومرو، تعلقي اڳواڻن نظر محمد مغيري، گل محمد کهاوڙ، نظير جاگيراڻي، دلدار چانڊيو، عبداللطيف عمراڻي ۽ ٻين طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين چيو ته گسٽا ضلعي صدر جي ايم ابڙو تعليم دوست انسان آهي جنهن لاڙڪاڻي ضلعي جي هاءِ اسڪولن جي ماحول کي بهتر بڻائڻ توڙي تعليم جي واڌاري لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪيون آهن جنهن کي بلاجواز ڪجهه عرصو معطل ڪيو ويو پر ان جي باوجود هن استادن، شاگردن، شاگردياڻين توڙي اسڪولن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي هر پليٽ فارم تي ڀرپور آواز اٿاريو جنهن جي آواز کي دٻائڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ آڊيو کي بنياد بڻائي کيس گهر مان گرفتار ڪري ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جيڪو بنا دير ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي.
