مهراڻي يونيورسٽي ۾ ميٿاميٽڪس سوسائٽي قائم ڪئي وئي

ڄامشورو( پ ر) مهراڻ يونيورسٽي جي ميٿاميٽڪس شعبي پاران ’’مهراڻ يونيورسٽي ميٿاميٽڪس سوسائٽي‘‘ قائم ڪئي وئي. سوسائٽي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته مهراڻ يونيورسٽي جي هر شعبي ۾ اهڙين پيشه ور سوسائٽيز سان شاگردن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ قيادت ڪرڻ جا گڻ سکڻ جا موقعا ملندا. هن چيو ته هر شعبي جي سوسائٽي کي پنهنجي شعبي ۾ سماجي سرگرميون ڪرڻ، سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪرائڻ لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں