ٽنڊوآدم جي هاءِ اسڪول ۾ تقريب،شاگردن پاران ٽيبلوز پيش

ٽنڊوآدم ( ن س ) گورنمنٽ شاھ عبدالطيف ھاء اسڪول ٽنڊوآدم جي سالياني انسپيڪيشن ٿي گذري ان موقعي تي ڊي اي او سيڪنڊري ۽ ھائير سيڪنڊري سانگھڙ لياقت علي چانڊيو ۽ سندس ٽيم ٽي اي او سيڪنڊري ۽ ھائير سيڪنڊري (ميل ) ٽنڊوآدم علي اڪبر برھماڻي . ٽي اي او سيڪنڊري ۽ ھائير سيڪنڊري (فيميل ) علي محمد ڀاڻون . ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽ آرگنائيزر دلدار خان غوري . ڊپٽي ڊي اي او سيد عبيدالله شاھ . محمد رفيق ٻجورو . محمد رفيق ماڪوڙاڻي ۽ ٻين آفيسرن ھيڊ ماستر محمد رمضان ملاح سان گڏجي سمورن ڪلاسن جو دورو ڪيو شاگردن جي حاضري چيڪ ڪئي ۽ مختلف سوال ڪيا جن جا شاگردن صحيح جواب ڏنا اسڪول جي گرائونڊ تي اسڪائوٽ ڪئمپ لڳائي وئي جتي اسڪائوٽن مھمانن جو آڌر ڀاء ڪيو شاگردن ٽيبلوز پيش ڪيا جڏھن ته نامياري فنڪار حمير شيخ گيت ڳائي استادن ۽ شاگردن کي جھومائي ڇڏيو ان کان اڳ اسيمبلي ۾ شاگردن پي ٽي ۽ آئٽم جو تمام سٺو مظاھرو ڪيو ان موقعي تي ڊي اي او سيڪنڊري ۽ ھائير سيڪنڊري سانگھڙ لياقت علي چانڊيو چيو ته گورنمنٽ شاھ عبدالطيف ھاء اسڪول ٽنڊوآدم جي ھيڊ ماستر محمد رمضان ملاح . سينيئر استادن ۽ نون ڀرتي ٿي آيل استادن شاگردن تي تمام گھڻي محنت ڪئي آھي ڪلاسن ۾ شاگردن مختلف ڪيل سوالن جا درست جواب ڏنا اسيمبلي ۾ استادن ۽ شاگردن جو وڏو انگ ڏسي ڪلاسن جي صفائي ۽ تعليمي معيار ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿي آھي اميد آھي ته ھيڊ ماستر محمد رمضان ملاح جي سرپرستي ۾ اسڪول تعليمي ۽ غير نصابي سرگرمين ۾ وڌيڪ ترقي ڪندو ان موقعي تي ھيڊ ماستر محمد رمضان ملاح پاران آيل سمورن مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا پروگرام ۾ ايس ايم سي چيئرمين محمد صالح ورياھ . گسٽا اڳواڻ فضل الله عمراڻي . محمد صفر ساند . استاد راوت چانڊيو . سومار چاڪراڻي . راڻا يونس . دوست محمد مشوري . زاھد علي ميمڻ ۽ ٻين استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آخر ۾ آيل مھمانن کي مانجھاندو ڏنو ويو . 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں