بدين (ڊ ر) سنڌ حڪومت جي انساني حقن جي کاتي پاران آرٽ ڪائونسل ٿر جي تعاون سان مقامي هال ۾ منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي وزير اعلي سنڌ جي معاون خاص ام حبيبہ تنزيلا قمبراڻي چيو آھي ته پاڪستان پيپلزپارٽي انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي پي پي پي عورتن جي حقن لاءِ ڪوششون ورتيون آهن شايد ئي ڪنهن سياسي پارٽي ايترو ڪم ڪيو هجي دنيا اڄ به پاڪستان پيپلزپارٽي جي انساني حقن واري ڪوششن کي ساراهي ٿي هن چيو ته ھو سريندر ولاسائي جا ٿورائتا آهن جنهن بدين ۾ انساني حقوق جي آگاهي لاءِ هي سيمينار رکرايو آهي سيمينار کي خطاب ڪندي پي پي ضلعي صدر حاجي محمد رمضان چانڊيو چيو ته بدين کي اهو اعزاز حاصل آهي ته انساني حقن لاءِ بدين مان سب کان وڌيڪ مرحوم ڊاڪٽر سڪندر منڌرو ڳالهايو اڄ بدين جا ماڻهو ڊاڪٽر سڪندر منڌرو کي سنهري لفظن ۾ ياد ڪري رھيا آھن سيمينار کي خطاب ڪندي فوڪل پرسن هيومن رائٽس سيڪشن آفيسر امجد علي چانڊيو، پروفيسر ڊاڪٽر طفيل احمد چانڊيو، انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ايڊووڪيٽ رام ڪولهي، قانون جو شاگرد نياز راهوڪڙو، امير منڌرو درشھوار چنه ۽ ٻين چيو ته انساني حقن جي ڳالهه سب کان پهرين اسلام ڪئي حج الوداع جي موقعي تي اسان جي پياري رسول صلي الله عليه وسلم چيو ته ڪنهن به عربي کي عجمي تي ۽ ڪنهن به عجمي کي عربي تي ڪابه فضيلت نه آهي سواءِ تقوا جي، دنيا جو ڪوبه مذهب يا ڪابه تنظيم انساني حقن جي ايتري آسان لفظن ۾ وضاحت نٿو ڪري سگهي جيترو آسان ۽ سادن لفظن ۾ اسلام ٻڌايو آهي جنهن هڪ انسان جي جان بچائي انهي پوري انسانيت کي بچايو انسانن جي ڪابه درجا بندي نه آهي سب برابر آهن اسان جو آئين به اسان کي اهوئي سيکاري ٿو آئين توهان کي آزادي ڏي ٿو ته توهان کي ٻولي، ڪلچر، سڪيورٽي، تعليم، صحت، پنهنجي ملڪ ۾ آزادي سان رهڻ جو حق ڏي ٿو سنڌ حڪومت ٻين صوبن جي مقابلي ۾ انساني حقوق تي تمام گهڻو ڪم ڪري رهي آهي ان ھوندي کنڀيل ڪارڪنن جو مسئلو اھميت جو حامل آھي جنھن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪرڻ گھرجي هنن مطالبو ڪيو ته ھر ضلعي ۾ هيومن رائٽس جي ڊيسڪ هجڻ گهرجي جيڪا غريب ماڻهن جي مدد ڪري سيمينار ۾ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سياسي سماجي شخصيتن تعليم جي ميدان ۾ ڪاوشون وٺندڙ سمورين شخصيتن کي هيومن رائٽس ايڪٽيوسٽ اعزازي ايوارڊ ڏنا ويا اطلات کاتي بدين کي پڻ ايوارڊ ڏنو ويو آگاهي سيمينار ۾ انساني حقن بابت ٻارڙن ٽيبلو پيش ڪيا سيمينار ۾ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر سرفراز سمون، ايوان صحافت جو صدر هارون گوپانگ، عالمي فٽ بالر سني ڀنڀرو، ھلال پاڪستان جي انيس ميمڻ کي پڻ ايوارڊ ڏنا ويا جڏھن ته سياسي سماجي شخصيتن قانون دانن شاگردن ۽ شاگردياڻين زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
