ڄامشورو(ڊ ر)ڄامشورو ۾ نوجوان ليکڪ لطيف گاد جي ڪتاب “سيوا ڪر سمونڊ جي” جو مهورت ڪيو ويو. ڪتاب جي مهورت واري تقريب جو افتتاح لطيف جي وائي سان ڪيو ويو جيڪا لطيف سرڪار جي سر سامونڊي مان ڄامشوري جي نوجوان راڳي دانش پيش ڪئي. مقررن خطاب ڪندي ڪتاب کي تفريحي ماڳن ۽ مڪانن بابت رهنما ڪتاب قرار ڏنو، لطيفي فورم طرفان مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي مخدوم هال ۾ رٿيل مهورت تقريب ۾ ڪتاب جو مهورت مهراڻ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، سفير محمد عالم بروهي، پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق ميراڻي، ڊاڪٽر تنوير ڦلپوٽو، ليکڪ جي والد ۽ ليکڪ گل محمد گاد، ذوالفقار هاليپوٽو، ايلسا پبليڪيشن جي روح روان ۽ ڪتاب جي پبلشر واحد ڪانڌڙو، انجنيئر منصور سومرو ۽ ٻين گڏجي ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته لطيف مائٽن جي خواهش تي انجنيئر ٿيو پر پنهنجي خواهش تي صحافت جي ڊگري حاصل ڪئي، پاڻ سٺو ليکڪ ۽ سٺو صحافي ثابت ٿيو آهي، تخليقي عمل هڪ سٺو سنئوڻ آهي، لکڻ سٺو عمل آهي، سٺي انجنيئر سان گڏ سٺي انسان ٿيڻ جي ضرورت آهي، انجنيئر هڪ آرٽسٽ به آهي، لطيفي فورم جو مقصد انجنيئرن کي اخلاقيات سيکاري معاشري لاءِ سٺا ماڻهو پيدا ڪرڻ آهي، سٺي لکڻ لاءِ سٺو پڙهڻ گهرجي، صاحب ڪتاب هجڻ تي لطيف مبارڪن جو حقدار آهي، مشتاق ميراڻي سوڌو سمورن ماڻهن کي لطيف جيان لکڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ ڪلھ ماڻهن ۾ من پسندي جو رجحان وڌي ويو آهي. تعليم سان گڏ قانون تي عمل ڪرڻ سان ئي سٺا شهري ٿيڻ جي ضرورت آهي هن وڌيڪ چيو ته اسان ۾ برداشت جو عمل ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪو اسان ڪري سگهون ٿا ڪرڻ گهرجي، ڏاهو ٿيڻ لاءِ تڪليق برداشت ڪرڻي پوندي آهي جيڪا تڪليف لطيف جھاڳي چڪو آهي. ان کان اڳ سفير محمد عالم بروهي ڳالهائيندي چيو ته ڪتاب ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هندو مسلم جا مذهبي مقامن ۽ ماڳن بابت ڄاڻ ڏيندڙ آهي، هن ڪتاب ۾ سڀ کان وڌيڪ ته مذهبي رواداري جو مثال موجود آهي، هن چيو ليکڪ جي تجربن کي سٺي نموني سان ڳوڙهو اڀياس ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪتاب جو خوبصورت نالو آهي جيڪو به لطيف جي شاعري مان هڪ بيت مان کنيو ويو آهي، صديون اڳ ۽ هن وقت به سنڌ بلوچستان جي سمنڊ جي صورتحال ساڳي آهي. شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائين اينڊ هيريٽيج جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڀائي خان شر خطاب ڪندي چيو لطيف گاد هي ڪتاب لکي پاڻ کي هڪ سٺو ليکاري ثابت ڪيو آهي. پاڻ بامقصد ماڻهو آهي جنهن ۾ ڪم کي شروع ڪرڻ کان مڪمل ڪرڻ جو ڏانءُ آهي. سنڌي ادبي کيتر هن قسم جو ڪتاب شايع ٿيڻ هڪ نواڻ آهي، جنهن تي لطيف گاد جس لهڻي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌي ادب ۾ لطيف سوڌو نوجوان لکي رهيا آهن گهڻي وٿي کان پوءِ ماڻهن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو رجحان وڌيو آهي. پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته لطيف جو هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اسان کي به ڪتاب اتساھ ڏئي ٿو. ڪتاب ۾ لطيف پنهنجي ڳوٺ کان ويندي زندگي جي ساري سفر کي ڪتابي شڪل ۾ آڻي پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو آهي. تفريحي ماڳن مڪانن سان دلچسپي رکندڙن لطيف گاد جي هن ڪتاب کي رهنما طور ضرور پڙهڻ گهرجي. ذوالفقار هاليپوٽو خطاب ڪندي ڪتاب کي عالمي سطح جو ڪتاب قرار ڏيندي پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. تقريب کي پروفيسر علي اصغر ميمڻ، پبلشر واحد ڪانڌڙو، ليکڪ لطيف گاد ۽ ٻين خطاب ڪيو. تقريب ۾ پروفيسر ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجو، پروفيسر ڊاڪٽر تهمينا مفتي، پروفيسر ڊاڪٽر بشير ميمڻ، انجنيئر محمد شيخ، انور ميڻو،ايڇ ايم چانڊيو سوڌو سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ شهيد الله بخش سومرو جي آفيسرن، استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايلسا پبليڪيشن طرفان ڪتابن جو اسٽال پڻ لڳايو ويو هو.
